اسلام آباد – 07 – مارچ (اي پي پي) پاڪستان ۽ آمريڪا هر قسم جي دهشتگردي جي گڏيل خطري کي منهن ڏيڻ جي عزم کي ورجائيندي ڳالهه ٻولهه جي سلسلي کي جاري رکڻ ۽ دهشتگردي جي خطري بابت بهتر ڄاڻ پيدا ڪرڻ تي اتفاق ڪيو آهي. پاڪستان – آمريڪا دهشتگردي جي خاتمي ڊائيلاگ 6، 7 مارچ 2023ع تي اسلام آباد ۾ ٿيو. پاڪستاني وفد جي قيادت پرڏيهي وزارت جي ايڊيشنل سيڪريٽري (يو اين اينڊ اي ڊي) سيد حيدر شاهه ڪئي جڏهن ته آمريڪي وفد جي سربراهي پرڏيهي کاتي جي دهشتگردي جي خاتمي بابت وقتي ڪوآرڊينيٽر ڪرسٽوفر لينڊبرگ ڪري رهيو هو. پرڏيهي آفيس جي ترجمان موجب ٻن ڏينهن واري ڳالهه ٻولهه ۾ گهڻ رخي فورمز تي دهشتگردي جي خاتمي تعاون، دهشتگردي جي خاتمي جي علائقائي منظرنامي جو جائزو، سائبر سيڪيورٽي ۽ پرتشدد انتهاپسندي جي خاتمي سميت ڪيترن ئي موضوعن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي. ان موقعي تي پاڪستان ۾ آمريڪي امداد جي منصوبن تي پُڻ غور ويچار ڪيو ويو ۽ خاص طور تي مني لانڊرنگ جي خاتمي ۽ انصاف جي شعبي ۾ صلاحيت وڌائڻ تي ڌيان ڏنو ويو. ٻنهي ڌرين دهشتگردي جي خلاف پاڪستان جي صلاحيت کي وڌائڻ ۾ انهن منصوبن جي اهميت کي اجاگر ڪيو. ڌرين دهشتگردي جي مالي معاونت جي خلاف پنهنجي تجربن جي پڻ مٽاسٽا ڪئي. هنن هر قسم جي دهشتگردي جي گڏيل خطري کي منهن ڏيڻ جي لاءِ پنهنجي عزم کي ورجايو. هنن ان ڳالهه ٻولهه جي سلسلي کي جاري رکڻ ۽ دهشتگردي جي خطري بابت ڄاڻ پيدا ڪرڻ تي پڻ اتفاق ڪيو.
متعلقہ مضامین
-
Gulf companies keen to invest in Gwadar Free Zone: Asim Bajwa
-
Soldier martyred in firing by terrorists in Waziristan: ISPR
-
NAB granted 14-day physical remand of Shehbaz Sharif
-
Money laundering case: non-bailable arrest warrants for Shehbaz’s wife, daughter issued
-
Primary schools open from today across country
-
Soldier martyred in firing by terrorists in Waziristan: ISPR
-
Pakistan registers protest with Indian diplomat over ceasefire violation
-
Meesha Shafi and eight others booked by FIA cyber crime wing for a defamation campaign against Ali Zafar
-
Pakistan allows primary schools to resume classes from Sept 30
-
Respect of state institutions binding on all, says Buzdar
-
IHC moved against killing of 11 Pakistani Hindus in India
-
Afridi urges UN to provide security to HR groups working in India