اسلام آباد – 07 – فيبروري (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي چيو آهي ته پاڪستاني قوم، سيڪيورٽي فورسز ۽ فوج دهشتگردي جو جهڙي طرح مقابلو دنيا ۾ ان جو ڪٿي به مثال نه ٿو ملي، حڪومت، فوج ۽ عوام گڏجي ٻيهر دهشتگردي جو مقابلو ڪندا. اهڙن خيالن جو اظهار هن ليڊي ريڊنگ اسپتال پشاور ۾ پوليس لائينز ڌماڪي جي زخمين جي عيادت جي موقعي تي ڳالهائيندي ڪيو. ايوان صدر جي پريس ونگ پاران جاري بيان موجب صدر ڌماڪي جي زخمين جي احوال بابت طبي عملي ۽ انتظاميا سان تفصيلي ڳالهه ٻولهه ڪئي. هن زخمين سان يڪجهتي جو اظهار ڪندي انهن جي جلد صحتيابي جي دعا ڪئي. هن ڌماڪي ۾ بچي ويندڙ واحد عورت زخمي جي به عيادت ڪئي ۽ واقعي ۾ عورت جي خاندان جي ماڻهن جي شهادت تي افسوس جو اظهار ڪيو. صدر زخمين کي ملندڙ طبي امداد تي اطمينان جو اظهار ڪيو ۽ چيو ته پوليس ڌماڪو هڪ تڪليف ڏيندڙ ۽ ڪڌو واقعو هو. هن چيو ته دهشتگردي جو ملڪ ۾ مڪمل خاتمو آڻينداسين ۽ حڪومت، فوج ۽ عوام گڏجي ٻيهر دهشتگردي جو مقابلو ڪندا. هن جو چوڻ هو ته منهنجي اچڻ ۾ دير جو سبب امدادي سرگرمين ۾ خلل جو سبب نه بڻجڻ آهي. ڏک جي هن گهڙيءَ ۾ شهيدن جي گهرڀاتين سان گڏ آهيون ۽ زخمين جي جلد صحتيابي لاءِ دعاڳو آهيان. صدر چيو ته حڪومت، انتظاميا ۽ ليڊي ريڊنگ اسپتال پاران زخمين کي بهترين طبي امداد فراهم ڪئي پئي وڃي، جن ماڻهن ڌماڪي ۾ پنهنجي پيارن کي وڃايو انهن جي نقصان جو ازالو نه ٿو ڪري سگهجي. هن چيو ته حڪومت پاران شهيدن جي پونئيرن ۽ زخمين جي لاءِ امداد خوش آئنده آهي.
متعلقہ مضامین
-
Pakistan expects incoming Chinese envoy to promote business ties, boost CPEC
-
TTS faculty decries HEC ‘failure’ to resolve their issues
-
SC accepts appeal by Daniel Pearl’s family against Sheikh’s acquittal
-
Not registering an FIR tantamount to helping the oppressor: IGP
-
Pakistan will not ‘back off’ from facilitation of Afghan peace: FM
-
Blast at iron scrap dealer’s junkyard kills 5 in Nowshera
-
Opp submits requisition to convene PA session to discuss Shehbaz’s arrest
-
Blast at iron scrap dealer’s junkyard kills 5 in Nowshera
-
NAB granted 14-day physical remand of Shehbaz Sharif
-
Soldier martyred in firing by terrorists in Waziristan: ISPR
-
Indian army martyrs soldier, teenage boy along LoC
-
Pakistan spending $10bn per annum for debt repayment