اسلام آباد – 16 – ڊسمبر (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف چيو آهي ته پاڪستان ۾ انفارميشن ٽيڪنالاجي، ٽيلي مواصلات، توانائي، زراعت، فوڊ پراسيسنگ، لائيو اسٽاڪ، سياحت ۽ قدرتي وسيلن جي شعبن ۾ سيڙپڪاري جا تمام گهڻا موقعا موجود آهن، حڪومت سيڙپڪار دوست پاليسين تي عمل ڪري رهي آهي، غيرملڪي سيڙپڪارن کي سيڙڪاري جي لاءِ سموريون سهولتون فراهم ڪيون وينديون. اهڙن خيالن جو اظهار هن مصر جي ناليواري ڪاروباري شخصيت نجيب ساويرس جي قيادت هيٺ وفد سان ڳالهائيندي ڪيو جنهن ساڻس ملاقات ڪئي. وزيراعظم شهباز شريف نجيب ساويرس ۽ سندس وفد کي پاڪستان ۾ ڀليڪار چوندي چيو ته پاڪستان سيڙپڪار دوست پاليسيز تي عمل ڪري رهيو آهي. هن وڌيڪ چيو ته پاڪستان حڪومت ٻاهرئين سيڙپڪارن کي سموريون فراهم ڪندي. پاڪستان ۾ انفارميشن ٽيڪنالاجي، ٽيلي ڪميونيڪشن، توانائي، زراعت، فوڊ پراسيسنگ، لائيو اسٽاڪ، سياحت ۽ قدرتي وسيلن جي شعبن ۾ سيڙپڪاري جا تمام گهڻا موقعا موجود آهن جن سان ٻاهريون سيڙپڪار ڪمپنيون فائدو کڻي سگهن ٿيون. نجيب ساويرس چيو ته انهن جو بزنس گروپ پاڪستان ۾ ٽيلي ڪميونيڪشن ۽ ريئل اسٽيٽ جي شعبن ۾ ڪامياب سيڙپڪاري ڪري چڪو آهي. هن پاڪستان ۾ وڌيڪ شعبن ۾ خاص طور تي کاڻيون کوٽڻ جي شعبي ۾ سيڙپڪاري ۾ دلچسپي جو اظهار ڪيو.
متعلقہ مضامین
-
Pakistan expects incoming Chinese envoy to promote business ties, boost CPEC
-
KKH maintenance work to start within a week: Mushtaq Ghani
-
Not registering an FIR tantamount to helping the oppressor: IGP
-
Economic growth through infrastructure development
-
Shehbaz behind bars, once again
-
Army captain martyred in clash with terrorists
-
Zardari, Talpur indicted in money laundering case
-
Shehbaz Sharif’s arrest will only ‘add fuel to the fire’: Maryam
-
Senate committee slams CCPO Lahore for conflicting remarks over motorway case
-
Indian army martyrs soldier, teenage boy along LoC
-
WHO chief lauds Pakistan’s strategy to fight Covid-19
-
Now time for Pakistan and Afghanistan to define a new vision: Dr Abdullah Abdullah