اسلام آباد – 07 – ڊسمبر (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف سان پاڪستان ۾ چين جي سفير نونگ رونگ ملاقات ڪئي ۽ پاڪستان ۽ چين جي قيادت جي وچ ۾ طئي ٿيندڙ مفاهمت ۽ تعاون جي معاهدن تي عملدرآمد جي ضرورت تي اتفاق ڪيو. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب وزيراعظم نومبر 2022ع ۾ پنهنجي چين جي دوري جو ذڪر ڪندي چيو ته ان دوري سان پاڪ چين دوستي وڌيڪ مضبوط ٿي آهي ۽ ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ اسٽريٽجڪ پارٽنرشپ پڻ وڌي آهي. وزيراعظم پاڪستان جي حڪومت ۽ عوام پاران چين جي اڳوڻي صدر جيانگ زيمن جي لاڏاڻي تي پنهنجي گهري ڏک جو اظهار ڪندي چيو ته هو پاڪستان جو اعتماد جوڳو دوست هو جنهن جي کوٽ کي شدت سان محسوس ڪيو ويندو. وزيراعظم ۽ چيني سفير تازي اعليٰ سطحي دوري جي اهم نتيجن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي. ملاقات ۾ پاڪستان ۽ چين جي وچ ۾ بيجنگ ۾ طئي ٿيندڙ مفاهمت ۽ تعاون جي معاهدن جي بهترين نتيجن جي لاءِ معاهدن تي عملدرآمد جي ضرورت تي اتفاق ڪيو ويو.
متعلقہ مضامین
-
KKH maintenance work to start within a week: Mushtaq Ghani
-
KKH maintenance work to start within a week: Mushtaq Ghani
-
Healthy lifestyle can help reduce heart diseases, say: experts
-
Economic growth through infrastructure development
-
Zardari, Talpur indicted in money laundering case
-
Gulf companies keen to invest in Gwadar Free Zone: Asim Bajwa
-
Pakistan spending $10bn per annum for debt repayment
-
Primary schools open from today across country
-
Pakistan spending $10bn per annum for debt repayment
-
Pakistan allows primary schools to resume classes from Sept 30
-
Now time for Pakistan and Afghanistan to define a new vision: Dr Abdullah Abdullah
-
Pakistan allows primary schools to resume classes from Sept 30