شرم الشيخ- 11 نومبر (اي پي پي) ماحولياتي تبديلي واري وفاقي وزير سينيٽر شيري رحمان مستقبل ۾ ماحولياتي تباهين کي منهن ڏيڻ لاءِ ڪلائميٽ فائنانس اتحاد جي اهميت تي زور ڏيندي چيو آهي ته اسان کي پنهنجي معاشرن کي آبهوا جي هنگامي صورتحال کان محفوظ رکڻ لاءِ ٺوس بنيادن تي ڪم ڪرڻ جي ضرورت آهي. ڪوپ – 27 جي فورم تي گڏيل قومن جي ايشيا پيسفڪ ريجن ۾ آبهوا جي تبديلي جي حوالي سان تقريب ۾ خطاب ڪندي هن چيو ته ماحولياتي تباهين جي سونامي کي منهن ڏيڻ لاءِ ڪلائميٽ فائنانس اتحاد جي ضرورت آهي، ايشيا پيسفڪ ريجن ۾ ماحولياتي تبديلين بابت واقعن ۾ شديد اضافو ٿي رهيو آهي، اهو اسان جي لاءِ انتهائي ضروري موافقت جو دور آهي. شيري رحمان چيو ته ان ڳالهه جو فڪر آهي ته اسان پنهنجي معاشرن کي آبهوا جي هنگامي صورتحال کان ڪيئن محفوظ رکنداسين، اسان آبهوا جي دٻاءُ جي گرائونڊ زيرو تي آهيون. هن چيو ته دي ليونگ انڊس اهڙن منصوبن ۾ شامل آهي جيڪي ڪاربان کي گهٽ ڪندا آهن، ان منصوبي جي مقصدن ۾ ماحولياتي نظام جي بحالي، درياجو تحفظ ۽ لچڪيدار مستقبل شامل آهن. هن چيو ته ڪوپ – 27 پبلڪ ۽ پرائيويٽ فنانسنگ جي نظام کي جوڙڻ گهرجي ڇو ته اسان کي مستقبل ۾ ماحولياتي تباهين کي منهن ڏيڻ لاءِ ڪلائميٽ فائنانس جي ضرورت پوندي.
متعلقہ مضامین
-
PIA losses after EU ban top Rs 280m
-
Teacher arrested for beating students in Jhelum
-
Response sought from Centre, Punjab govt over removal of former IG
-
Angry clashes erupt in IIOJK as Indian forces martyr four
-
IRSA releases 208,900 cusecs water
-
No sanctuary for women?
-
Shehbaz slates NA speaker for ‘crossing the red line’
-
Call on the Foreign Minister by Ambassador of the European Union: FO
-
22 educational institutes closed for violating COVID-19 SOPs
-
Red Cross warns coronavirus driving discrimination in Asia
-
Pakistan, China discuss transport cooperation under CPEC
-
Pakistan, China discuss transport cooperation under CPEC