اسلام آباد – 21 – مارچ (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان اسلامي ترقياتي بئنڪ گروپ جي چيئرمين ڊاڪٽر محمد سليمان الجاسر ملاقات ڪئي جيڪو اسلامي تعاون تنظيم جي پرڏيهي وزيرن جي ڪائونسل جي 48 هين اجلاس ۾ شرڪت لاءِ پاڪستان آيل آهي. وزيراعظم عمران خان ان موقعي تي اسلامي ترقياتي بئنڪ جي پاڪستان سان پراڻي ۽ قابل اعتماد حصيداري، توانائي، ماليات، مواصلات، تعليم ۽ صحت جهڙن مختلف شعبن ۾ ان جي مدد جو اعتراف ڪيو، هن ڪووڊ – 19 ويڪسين جي خريداري لاءِ پاڪستان سان تعاون کي به ساراهيو. ويڪسين کانسواءِ رهجي ويندڙ آبادي تائين پهچ لاءِ قومي ويڪسينيشن مهم ۾ تمام گهڻو تعاون ڪيو، ڊاڪٽر الجاسر وزيراعظم کي اسلامي ترقياتي بئنڪ جي پروگرامن جي باري ۾ بريفنگ ڏني، جنهن ۾ افغانستان هيومينيٽرين ٽرسٽ فنڊ کي فعال ڪرڻ شامل آهي جيڪو افغان عوام جي انساني ۽ معاشي امادد جي ضرورت جي پيش نظر 19 ڊسمبر 2019ع کي اسلام آباد ۾ منعقد اسلامي تعاون تنظيم جي پرڏيهي وزيرن جي ڪائونسل جي غير معمولي اجلاس ۾ قائم ڪيو ويو هو، وزيراعظم ان ڳالهه تي زور ڏنو ته پاڪستان اسلامي ترقياتي بئنڪ سان پنهنجي حصيداري کي تمام گهڻي اهميت ڏي ٿو ۽ مسلسل تعاون ۽ لاڳاپا وڌائڻ جو منتظر آهي.
متعلقہ مضامین
-
Buzdar inspects Ehsaas Kafalat programme distribution points
-
Indian army using Kashmiris as human shields in border skirmish with Pakistan
-
Lockdown not applicable to mosques, congregational prayers to begin: ulema
-
Sindh govt provides protective gear and kits to doctors in southern Punjab
-
PM reiterates firm resolve to fight coronavirus, save people from starvation, unemployment : Firdous
-
Sindh govt provides protective gear and kits to doctors in southern Punjab
-
WDF demands immediate provision of PPE to all healthcare workers
-
Masses suffer as federal, Sindh govts indulge in blame game over COVID-19
-
Sindh govt provides protective gear and kits to doctors in southern Punjab
-
Masses suffer as federal, Sindh govts indulge in blame game over COVID-19
-
Lockdown extended; low-risk industries allowed to operate
-
Aleem Khan returns to Punjab cabinet as food minister