اسلام آباد – 28 فيبروري (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي چيو آهي ته مختلف مذهبن جي ماڻهن جي وچ ۾ پرامن گڏيل بقاءَ جي لاءِ بين المذاهب هم آهنگي ۽ گڏيل افهام تفهيم جي ضرورت آهي، معاشري کي روادار بڻائڻ جي لاءِ گڏيل احترام کي فروغ ڏيڻ لازمي آهي. ايوان صدر جي پريس ونگ پاران جاري بيان موجب صدر ڊاڪٽر عارف علوي سان آرچ بشپ آف ڪينٽربري جسٽن ويليبي ملاقات ڪئي. جنهن ۾ مذهبي ادارن خاص طور تي مسجدن ۽ چرچ جي اهميت تي روشني وڌي وئي. پڌرنامي ۾ چيو ويو آهي ته مذهبي ادارا قومن جي وچ ۾ مذهب هم آهنگي ۽ گڏيل افهام تفهيم جي فروغ ۾ اهم ڪردار ادا ڪري سگهن ٿا. صدر ڊاڪٽر عارف علوي چيو ته دنيا کي مختلف مسئلا درپيش آهن، معاشري کي روادار بڻائڻ جي لاءِ گڏيل احترام کي فروغ ڏيڻ لازمي آهي، دنيا کي انسانيت ۽ امن جي لاءِ ڪم ڪرڻ، ماڻهن جون مصيبتون ۽ تڪليفون ختم ڪرڻ جي لاءِ قدمن جي ضرورت آهي. هن چيو ته پاڪستان 40 لک افغان پناهگيرن جي ميزباني ڪئي. پناهگيرن جي سارسنڀال ڪرڻ عالمي برادري جي پڻ اخلاقي ذميواري آهي. آرچ بشپ چيو ته پناهگيرن جي مسئلي کي منهن ڏيڻ جي لاءِ عالمي ڪنوينشن جي ضرورت آهي.
متعلقہ مضامین
-
Mirwaiz condoles with Kadi Kadal fire victims in Srinagar
-
Zardari returns
-
Gwadar and Chabahar can play complementary role in development: Senate deputy chairman
-
Bill to facilitate Hajj operations to be tabled soon in Parliament
-
Islamabad Airport project being delayed: PEW
-
Massive smuggling attempt foiled
-
NAB recovers Rs 3.25bn from Raisani, contractor
-
Info minster denies govt involvement in Karachi raids
-
India trying to change demography of Kashmir: Pakistan
-
Eight nursing schools upgraded to colleges
-
Sindh govt declares public holiday on occasion of Benazirs death
-
Polio-vaccination target achieved in Rawalpindi district