اسلام آباد – 05 مارچ (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي موجوده دور ۾ ڊجيٽل ميڊيا جي اهميت کي اجاگر ڪندي چيو آهي ته سماجي مسئلن، خصوصي ماڻهن کي قومي ڌارا ۾ آڻڻ، عورتن کي بااختيار بڻائڻ ۽ اخلاقيات جي فروغ جي لاءِ گڏجي ڪم ڪرڻ جي ضرورت آهي، حڪومت درست حڪمت عملي تحت عام ماڻهو کي ڪورونا وبا کان بچائڻ ۽ معاشي تحفظ فراهم ڪرڻ جي لاءِ جامع قدمن کنيا، مهانگائي ۽ بيروزگاري تي ضابطو آڻڻ جي ڪوششن جا ثمر جلد عوام تائين پهچڻ شروع ٿي ويندا. اهڙن خيالن جو اظهار هن ايوان صدر ۾ ڊجيٽل ميڊيا انفلوئنسرز سان هڪ ويهڪ ۾ ڪيو. صدر چيو ته موجوده دور ۾ ڊجيٽل ميڊيا جي اهميت گهڻي وڌي وئي آهي، اها عوامي راءِ بڻائڻ جو ذريعو آهي. هن چيو ته ڊجيٽل ميڊيا جا ڪيترائي رخ سامهون آيا آهن، ان سان جتي ماڻهن جو وڏو تعداد فائدو کڻي رهيو آهي اتي ان جي استعمال جي باري ۾ اعتراض به ڪيا پيا وڃن جنهن ۾ جعلسازي جي ذريعي ماڻهن کي لُٽڻ ۽ ڪوڙيون ۽ من گهڙت خبرون پکيڙڻ جو ذريعو هجڻ به شامل آهي. هن چيو ته ميڊيا جي طاقت ۽ ذميداراڻي ڪردار ۾ توازن تعمير ۽ ترقي لاءِ تمام گهڻو اهم آهي، صحت ۽ احتياط، خصوصي ماڻهن کي قومي ڌارا ۾ آڻڻ، عورتن کي بااختيار بڻائڻ، سماجي قدرن ۽ اخلاقيات جي فروغ جي لاءِ ڪم ڪرڻ جي ضرورت آهي.
متعلقہ مضامین
-
Captain (r) Safdar not arrested despite court’s verdict
-
Was told an example will be made out of me for challenging Khalai Makhlooq: Maryam Nawaz
-
PPP supports secularism and diversity in society: former minister Sardar Shah
-
‘It’s a murder of justice’, says Shehbaz on Avenfield verdict
-
PPP, PML-N conned people in the name of CoD: Imran
-
The limits of representational politics
-
‘It’s a murder of justice’, says Shehbaz on Avenfield verdict
-
Avenfield case outcome is what I wanted to save Nawaz from: Nisar
-
First FIR filed under FATA interim regulations
-
AJK president condemns Indian terrorism in IHK
-
MMA candidate among 7 injured in bomb attack
-
Violations rampant as ECP steps up regulatory measures