اسلام آباد – 30 – ڊسمبر (اي پي پي) نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير سينيٽر محمد اسحاق ڊار ايڪنڪ جي اجلاس جي صدارت ڪئي. نائب وزيراعظم جي آفيس پاران جاري بيان موجب اجلاس ۾ منصوبابندي، ترقي ۽ خصوصي قدمن واري وفاقي وزير احسن اقبال، ناڻي واري وفاقي وزير سينيٽر محمد اورنگزيب، صوبائي وزيرن ۽ وفاقي سيڪريٽرين شرڪت ڪئي. ڪميٽي اٽڪل 217 ارب رپين جي لاڳت سان 7 ترقياتي منصوبن تي غور ڪيو ۽ انهن جي منظوري ڏني. ڪميٽي سنڌ ايمرجنسي فلڊ بحالي پراجيڪٽ جي آبپاشي نظام جي دائره ڪار ۾ اضافي جي منظوري ڏني. اجلاس سنڌ ۽ خيبرپختونخواهه جي صوبن ۾ ايندڙ ڪاريڪ ڪورڊور روڊ انفراسٽرڪچر پراجيڪٽ تي نظرثاني جي پڻ منظوري ڏني. ڪميٽي 25.4 ارب رپين جي لاڳت سان ڪراچي واٽر سپلاءِ اينڊ سيوريج امپروومنٽ پراجيڪٽ جي نظرثاني ٿيل منصوبي ۽ پنجاب جي اسڪولن ۾ حاضري ۽ سکڻ جي نتيجن کي بهتر بڻائڻ جي مقصد سان ورلڊ بئنڪ جي فنڊيڊ پراجيڪٽ گريڊز جي پڻ منظوري ڏني.
متعلقہ مضامین
-
Pakistan sincerely supported Afghan peace process: COAS
-
PM Imran, Turkey’s Erdogan decide to mobilise int’l community to halt attacks on Palestinians
-
UN should intervene to end Israeli attacks on Palestinians: Qureshi
-
Cabinet committee accepts NAB’s request to place Shahbaz’s name on ECL: Rashid
-
Imran Khan rings Palestinian President, assures Pak’s steadfast support for Palestine
-
Alvi says SOPs’ implementation on Eid show success of govt strategy
-
Teenage girl raped by elder brother in Larkana
-
Public transport to resume from Sunday
-
Public transport to resume from Sunday
-
Pakistan, Sudan agree to efforts for Palestine issue resolution
-
WB recognises Ehsaas among top 4 social protection initiatives
-
Bilawal offers Eid prayers at Naundero