اسلام آباد-31 جولاءِ (اي پي پي) گهرو معاملن واري وفاقي وزير محسن نقوي چيو آهي ته آءِ پي پيز بابت ايم ڪيو ايم جا خدشا وزيراعظم تائين پهچايا آهن، خدشا جلد ختم ٿي ويندا، بلوچستان ۾ احتجاج صوبائي معاملو آهي، پارا چنار ۽ بلوچستان جي سيڪيورٽي جي معاملن تي صوبن سان رابطي ۾ آهيان. هو اسلام آباد ماڊل ڪاليج فار گرلز ۾ اسڪولن ۽ ڪاليجن ۾ راندين کي هٿي ڏيڻ لاءِ شاگردن ۾ اسپورٽس ڪٽس ورهائڻ جي تقريب کي خطاب ڪري رهيو هو. تعليم، سائنس ۽ ٽيڪنالاجي وارو وفاقي وزير خالد مقبول صديقي، تعليم وارو سيڪريٽري محي الدين به ان موقعي تي موجود هئا. اسلام آباد ماڊل ڪاليج فار گرلز اچڻ تي تعليم واري وفاقي وزير خالد مقبول صديقي گهرو وزير محسن نقوي جي آجيان ڪئي. گهرو وزير محسن نقوي شاگردن ۽ شاگردياڻين ۾ اسپورٽس ڪٽ ۽ ٽريڪ سوٽ ورهايا. گهرو وزير محسن نقوي اسڪول ۾ قائم جديد ترين ڪمپيوٽر ليب جو دورو ڪيو. گهرو وزير محسن نقوي ڪمپيوٽر ليب ۾ شاگردن کان ڪورسز بابت دريافت ڪيو. شاگردن کي چيو ته اسان ليب ۾ اي آءِ ۽ بلاڪ چين جي ٽريننگ حاصل ڪري رهيا آهيون. گهرو وزير ڊي ڪيئر سينٽر جو به دورو ڪيو. گهرو وزير چيو ته خالد مقبول صديقي غريب ماڻهن جو تمام گهڻو خيال رکي ٿو. تاريخ ۾ پهريون ڀيرو اسلام آباد جي پرائمري اسڪولن جي ٻارن لاءِ فري لنچ شروع ڪيو پيو وڃي. اسلام آباد جي تعليمي ادارن جي بهتري لاءِ تعليم واري وزارت سان گڏ آهيون. تعليم واري وزارت جي ڀرپور مدد ڪنداسين. اسڪولن جي اپ گريڊيشن لاءِ ڪم ڪنداسين. صحافين سان ڳالهائيندي گهرو وزير محسن نقوي آءِ پي پيز جي حوالي سان خدشا ختم ڪرڻ جي خاطري ڪرائيندي چيو ته آءِ پي پيز جي حوالي سان ايم ڪيو ايم جا خدشا وزيراعظم تائين پهچائينداسين. هن چيو ته هن وقت ملڪ ۾ صورتحال متوازن آهي، موجوده سياسي صورتحال ۾ اهڙو ڪو به اشو ناهي جنهن تي پريشاني جي ضرورت هجي. هن چيو ته عمران خان جي الله کي خبر آهي ته ڪنهن سان ڳالهيون ڪندو ۽ ڪنهن سان نه ڪندو. هن چيو ته پارا چنار سميت علائقن ۾ صورتحال تي ضابطو آڻڻ جي ڪوشش ڪري رهيا آهيون.
متعلقہ مضامین
-
Buzdar urges conspirators to compare tenure of looters with that of PTI govt
-
Govt fails to pass bills in PA as quorum collapses
-
Two suspects in MPA Shahnaz Ansari murder case sent on judicial remand
-
Opp in NA seeks names of those involved in wheat and sugar crisis
-
Around 135 people tested for coronavirus in Sindh: CM
-
Wife of Indian Punjab CM visits Kartarpur Sahab
-
PM says greener pastures ahead as U-21 Games kick off in Peshawar
-
SC extends hearing of Khawaja brother’s bail plea for 7 days
-
PIA suspends flight operation to Qatar till March 31
-
SC extends hearing of Khawaja brother’s bail plea for 7 days
-
Navy launches drive to plant 4m trees
-
Buzdar reviews measures being adopted against coronavirus