اسلام آباد – 25 – جولائي (اي پي پي) پاڪستان چيو آهي ته هو گڏيل قومن جي سلامتي ڪائونسل جي قراردادن موجب ڄمون ۽ ڪشمير تڪرار جي منصفاڻي ۽ پرامن حل جي لاءِ ڪشميرين جي سياسي، سفارتي ۽ اخلاقي حمايت جاري رکندو. پرڏيهي آفيس جي ترجمان ممتاز زهره بلوچ پريس بريفنگ ۾ چيو ته جنيوا ۾ انساني حقن جي ڪميٽي تازو ئي ڀارت جي چوٿين لڳاتار رپورٽ تي غور ڪيو. هو شهري ۽ سياسي حقن جي عالمي معاهدن جي شقن کي ڪهڙي طرح لاڳو ڪري ٿو. ترجمان چيو ته ڪارروائي دوران پبلڪ سيفٽي ايڪٽ ۽ پبلڪ سيڪيورٽي ايڪٽ جهڙي سخت قانونن تحت گرفتارين ۽ ڀارت جي غيرقانوني طور تي قبضي هيٺ ڄمون ۽ ڪشمير ۾ موبائيل انٽرنيٽ سروس جي مسلسل معطلي بابت اهم سوال اٿاريا ويا. هن چيو ته اهو ڀارت جي غيرقانوني طور تي قبضي هيٺ ڄمون ۽ ڪشمير ۾ انساني حقن جي خراب صورتحال بابت عالمي انساني حقن جي مشينري جي مسلسل خدشن کي ظاهر ڪري ٿو. ترجمان چيو ته اسان عالمي برادري کان مطالبو ڪريون ٿا ته هو والاريل ڄمون ۽ ڪشمير ۾ ڀارت پاران انساني حقن جي انهن خلاف ورزين جو نوٽيس وٺي ۽ ڪشميري عوام تي ظلم ۽ ڏاڍ جو خاتمو ڪري.
متعلقہ مضامین
-
Faisal Vawda submitted false affidavit in dual nationality case: IHC
-
Promoted doctors of BPS-19 await posting, accuse department of corruption
-
Shibli terms Imran Khan upright, brave leader
-
Security forces kill eight militants in North Waziristan
-
PM tells Hafeez Shaikh to continue as finance minister
-
PTI supporters, PML-N leaders come to blows outside Parliament House
-
PTI supporters, PML-N leaders come to blows outside Parliament House
-
Inspiring Women Entrepreneurs in Pakistan’s Energy Sector
-
Another minor girl raped in Khairpur
-
Inspiring Women Entrepreneurs in Pakistan’s Energy Sector
-
Aman-21: the message resonates
-
IHC throws ball in ECP’s court in Vawda disqualification case