اسلام آباد – 11 – جولائي (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف ۽ آذربائيجان جي صدر الهام عليوف جي وچ ۾ ون آن ون ملاقات ۾ مختلف شعبن ۾ تعاون کي وڌيڪ فروغ ڏيڻ تي اتفاق ڪيو آهي. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب وزيراعظم هائوس اچڻ تي وزيراعظم شهباز شريف آذري صدر کي ڀليڪار چوندي چيو ته توهان کي پاڪستان ۾ ڏسي تمام گهڻي خوشي ٿي رهي آهي، ٻنهي ملڪن جي لاڳاپن ۾ وڌيڪ بهتري جي لاءِ توهان جو پاڪستان جو دورو انتهائي خوش آئنده ۽ هڪ اهم سنگ ميل آهي، پاڪستان ۽ آذربائيجان جي وچ ۾ لاڳاپا ڏهاڪن تي ٻڌل آهن جيڪي وقت سان گڏ وڌيڪ مضبوط ٿي رهيا آهن. وزيراعظم چيو ته پاڪستان ۽ آذربائيجان جي وچ ۾ اقتصادي، توانائي، سياحت، ثقافتي، تعليمي، ٽيڪنالاجي، صحت جي سارسنڀال ۽ ماحولياتي تعاون، ٻنهي ملڪن جي عوام جي پاڻ ۾ رابطن سميت گڏيل دلچسپي جي سمورن شعبن ۾ حصيداري کي وڌايو ويندو. وزيراعظم باڪو کي 29 هين گڏيل قومن جي ڪانفرنس آف پارٽيز جي ميزباني ملڻ تي آذربائيجان جي صدر کي مبارڪباد ڏني ۽ ان حوالي سان پاڪستان جي ڀرپور معاونت جي خاطري ڪرائي. ملاقات ۾ ٻطرفن معاملن ۽ گڏيل دلچسپي جي معاملن تي ڳالهه ٻولهه ڪئي وئي. ٻنهي اڳواڻن مختلف شعبن ۾ تعاون کي وڌيڪ فروغ ڏيڻ تي اتفاق ڪيو. بعد ۾ ٻنهي اڳواڻن جي قيادت ۾ ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ وفدن جي سطح تي ملاقات ٿي. بعد ۾ وزيراعظم ۽ آذري صدر ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ تعاون جي مفاهمتي يادداشتن تي صحيحن واري تقريب ۾ شرڪت ڪئي ۽ گڏيل پريس ڪانفرنس ۾ ميڊيا سان ڳالهه ٻولهه ڪئي. آذري صدر والاريل ڄمون ۽ ڪشمير جي حوالي سان پاڪستان جي موقف جي ڀرپور تائيد ڪندي چيو ته ڪشمير مسئلو گڏيل قومن جي سلامتي ڪائونسل جي قراردادن تحت ڪشميري ماڻهن جي امنگن موجب آزاداڻي ريفرنڊم ذريعي حل ٿيڻ گهرجي. آذري صدر چيو ته شروعاتي طور تي آذربائيجان پاڪستان ۾ مختلف شعبن ۾ 2 ارب ڊالر جي سيڙپڪاري ڪندو. هن چيو ته آذربائيجان اسلام آباد جي رنگ روغن ۽ خوبصورتي ۾ اضافي جي لاءِ تعاون ۾ اضافو ڪندو. ٻنهي طرفن باڪو ۽ پاڪستان جي وچ ۾ اڏامن ۾ اضافي تي پڻ اتفاق ڪيو. ان کانسواءِ ٻنهي ملڪن اسٽريٽجڪ حصيداري کي وڌيڪ مضبوط ڪرڻ تي پڻ زور ڏنو. وزيراعظم آذربائيجان ۾ پاڪستاني چانور جي ڊيوٽي فري برآمد جي فيصلي تي آذربائيجان جي صدر جا خصوصي طور تي ٿورا مڃيا.
متعلقہ مضامین
-
Omni Group’s AG Majeed to walk out of prison as IHC grants bail in last case
-
Govt fails to pass bills in PA as quorum collapses
-
Two suspects in MPA Shahnaz Ansari murder case sent on judicial remand
-
PIA suspends flight operation to Qatar till March 31
-
PM says greener pastures ahead as U-21 Games kick off in Peshawar
-
PM says greener pastures ahead as U-21 Games kick off in Peshawar
-
SC extends hearing of Khawaja brother’s bail plea for 7 days
-
Wife of Indian Punjab CM visits Kartarpur Sahab
-
26 killed as bus plunges into ravine near Skardu
-
No case of Coronavirus in Punjab: Fayyazul Hassan Chohan
-
LHC directs PEMRA to run TV campaign on Coronavirus
-
Three suspected terrorists arrested during Rangers’ operation in Karachi