اسلام آباد – 20 – مارچ (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف جشن نوروز جي موقعي تي مبارڪباد ڏيندي چيو آهي ته اچو گڏجي مذهبي ۽ ثقافتي اختلافن جو خاتمو ڪريون ۽ هم آهنگي ۽ ڀائيچاري کي فروغ ڏيون. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري پيغام ۾ هن چيو ته پاڪستان سميت سڄي دنيا ۾ نوروز ملهائيندڙ ڀائرن ۽ ڀينرن کي مبارڪباد پيش ڪريان ٿو، جشن نوروز بهار موسم جي اچڻ تي خوشيون ورهائڻ جو موقعو آهي. وزيراعظم چيو ته هن تهوار ۾ اميد جو پيغام آهي جيڪو اسان کي هڪ بهتر مستقبل جي خبر ڏي ٿو، پاڪستاني پارسي برادري کي جشن نوروز جي موقعي تي خصوصي طور تي مبارڪباد پيش ڪريان ٿو. وزيراعظم چيو ته پوري قوم ملڪ جي ترقي ۾ پارسي برادري جي اهم ڪردار جي معترف آهي ۽ اقليتن جي ان جذبي کي ساراهي ٿي، اچو گڏجي مذهبي ۽ ثقافتي اختلافن جو خاتمو ڪريون ۽ هم آهنگي ۽ ڀائيچاري کي فروغ ڏيون.
متعلقہ مضامین
-
ECP to hear Ali Gillani’s leaked video matter on Thursday
-
ECP to hear Ali Gillani’s leaked video matter on Thursday
-
Haleem moved to hospital from jail over health issues
-
Pakistan, Sri Lanka agree to cement defence cooperation
-
Pakistan, Sri Lanka agree to cement defence cooperation
-
In Spain, hugs and sea air for Covid ICU survivor
-
PTI supporters, PML-N leaders come to blows outside Parliament House
-
PTI supporters, PML-N leaders come to blows outside Parliament House
-
AMAN-21-The message resonates
-
AMAN-21-The message resonates
-
Shehbaz’s daughter, son-in-law declared proclaimed offenders
-
Aman-21: the message resonates