اسلام آباد – 18 – آڪٽوبر (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري نگران وفاقي وزير مرتضيٰ سولنگي چيو آهي ته حڪومت ۽ نگران وزيراعظم انوارالحق ڪاڪڙ جو فلسطين جو مسئلو ۽ فلسطيني عوام خاص طور تي غزه جي شهرين جي نسل ڪشيءَ تي واضح موقف آهي. پنهنجي ٽوئيٽ ۾ هن چيو ته پاڪستان جده ڪانفرنس جي محرڪين مان هڪ آهي، اسان جو نگران پرڏيهي وزير هن وقت بيجنگ ضرورت هجڻ جي باوجود او آءِ سي جي اجلاس ۾ پاڪستان جي نمائندگي ڪندو. هن چيو ته نگران وزيراعظم اڳ ۾ ئي فلسطين جو مسئلو گڏيل قومن جي جنرل سيڪريٽري سميت بيجنگ ۾ موجود عالمي اڳواڻن آڏو اٿاري چڪو آهي. هن چيو ته گڏيل قومن ۾ اسان جو مستقل نمائندو به ان معاملي تي متحرڪ انداز ۾ آواز اٿاري رهيو آهي. نگران وفاقي وزير چيو ته پاڪستان جو اهو موقف پاڪستان ۽ ٻاهرئين ملڪ خبرن ۾ اجاگر به ٿيو آهي.
متعلقہ مضامین
-
Faisal Vawda submitted false affidavit in dual nationality case: IHC
-
Graft-buster goes after drug officials
-
Quaid mausoleum sanctity case: Court asks police to probe Maryam, Safdar
-
Graft-buster goes after drug officials
-
Naundero Health Center face crippling issues
-
Pakistan, Sri Lanka agree to cement defence cooperation
-
Upcoming Cricket Superstars Of Pakistan
-
Inspiring Women Entrepreneurs in Pakistan’s Energy Sector
-
Aman-21: the message resonates
-
QAU continues to improve global rankings
-
Opposition’s demand of mid-term elections unconstitutional: Governor
-
Tax depositors are encouraged to pay tax online. Mukesh Kumar Chawla