اسلام آباد – 07 – سيپٽمبر (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري نگران وفاقي وزير مرتضيٰ سولنگي سوشل ميڊيا تي گردش هيٺ پنج هزار رپين جي ڪرنسي نوٽ تي پابندي جي حوالي سان نوٽيفڪيشن کي جعلي قرار ڏيندي چيو آهي ته پاڪستان حڪومت اهڙي قسم جي جعلي نوٽيفڪيشن پکيڙيندڙن جي خلاف سخت ڪارروائي ڪندي. پنهنجي ٽوئيٽ ۾ اطلاعات واري نگران وفاقي وزير بظاهر فنانس ڊويزن جي انٽرنل فنانس ونگ جي (جعلي) نوٽيفڪيشن جي ڪاپي جو حوالو ڏيندي چيو ته اهو نوٽيفڪيشن جعلي آهي، اهڙي قسم جي جعلي نوٽيفڪيشن پکيڙيندڙن جي خلاف سخت ڪارروائي ڪئي ويندي. ٻئي طرف اطلاعات ۽ نشريات واري وزارت جي ٽوئيٽر هينڊلر ”فيڪٽ چيڪر“ پڻ ان نوٽيفڪيشن کي جعلي قرار ڏنو. ٽوئيٽر تي جاري بيان ۾ اطلاعات واري وزارت چيو ته جعلي خبرون پکيڙڻ نه رڳو غيراخلاقي ۽ غيرقانوين آهي پر اها قوم جي توهين به آهي، هر ڪنهن جي ذميواري آهي ته اهو اهڙي قسم جي غيرذميواراڻي رويي کي رد ڪري.
متعلقہ مضامین
-
Enemies trying to create ethnic rift in Pakistan, says minister
-
Helvey thanks Pakistan for role in Afghan peace process
-
IFJHR appeals International HR organizations to intervene in JK deteriorating situation
-
UAE Ambassador assured Pak Energy Minister for working together for enhancing energy sector
-
Karachi chemical factory blaze extinguished after hours-long firefighting
-
Senator Rehman Malik’s sister laid to rest
-
Governor asks PDM leaders to forge unity against terrorism
-
SHC orders chief secretary to conduct study of Karoonjhar hills
-
SHC orders chief secretary to conduct study of Karoonjhar hills
-
Justice Qaiser Rashid sworn-in as PHC CJ
-
102 cases against fertilizer dealers for overcharging in 2020
-
Justice Qaiser Rashid sworn-in as PHC CJ