اسلام آباد – 05 – سيپٽمبر (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي چيو آهي ته پاڪستان ۽ ترڪيه جي وچ ۾ گڏيل مذهب، تاريخي رشتن تي ٻڌل بهترين لاڳاپا آهن، پاڪستان ۽ ترڪيه مختلف معاملن تي هڪ جهڙو موقف رکن ٿا. صدر ڊاڪٽر عارف علوي سان ترڪ سامونڊي فوج جي ڪمانڊر ارجمند تاتيل اوگلو ايوان صدر ۾ ملاقات ڪئي. ايوان صدر جي ميڊيا ونگ پاران جاري پڌرائي موجب ملاقات ۾ پاڪ بحريه جو سربراهه ايڊمرل محمد امجد خان نيازي ۽ پاڪستان ۾ ترڪيه جو سفير پڻ شريڪ هئا. ان موقعي تي پاڪستان ۽ ترڪيه جو گڏيل فائدي جي ل??ءِ مختلف شعبن ۾ ٻطرفو تعاون وڌيڪ مضبوط بڻائڻ جي عزم جو ورجاءُ ڪيو ويو. صدر ڊاڪٽر عارف علوي ان موقعي تي چيو ته ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ گڏيل مذهب، تاريخي رشتن تي ٻڌل بهترين لاڳاپا آهن. هن چيو ته پاڪستان ۽ ترڪيه مختلف معاملن تي هڪ جهڙو موقف رکن ٿا. صدر سامونڊي ۽ دفاعي تعاون سميت مختلف شعبن ۾ ٻطرفو تعاون وڌيڪ بهتر بڻائڻ جي ضرورت تي زور ڏنو. صدر پاڪ بحريه جي ل??ءِ چار ملجم ڪارويٽس مان پهرين جي ل??نچنگ تقريب ۾ شرڪت جي ل??ءِ آگسٽ 2021ع ۾ ترڪيه جي دوري جو پڻ ذڪر ڪيو. هن ٻطرفي ۽ گهڻ رخي مشقن ۾ ٻنهي ڀائر ملڪن جي سامونڊي فوجن جي باقاعده شرڪت کي ساراهيندي چيو ته ٻطرفو ويجهو سامونڊي تعاون پاڪستان ۽ ترڪيه جي وچ ۾ مضبوط لاڳاپن جو مظهر آهي. صدر ڊاڪٽر عارف علوي ڀارت ۾ اقليتن تي ٿيندڙ ظلم ۽ ڏاڍ تي ڳڻتي جو اظهار ڪندي غيرقانوني ڀارتي والاريل ڄمون ۽ ڪشمير ۾ مسلمانن جي خلاف ڀارتي سيڪيورٽي فورسز جي ظلمن کي پڻ اجاگر ڪيو. هن چيو ته عالمي برادري کي والاريل ڄمون ۽ ڪشمير ۾ انساني ح??ن جي خلاف ورزين، ڀارت ۾ اقليتن تي ظلم جو نوٽيس وٺڻ گهرجي. صدر ڄمون ۽ ڪشمير تڪرار تي پاڪستان جي اصولي موقف تي ترڪيه جي ح??ايت کي پڻ ساراهيو. ملاقات دوران ڳالهه ٻولهه ڪندي ترڪ نيول ڪمانڊر ارجمند تاتيل اوگلو چيو ته مستقبل ۾ ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ تعاون وڌيڪ وڌندو. هن چيو ته هي دورو پاڪستان ۽ ترڪيه جي وچ ۾ ٻطرفا دفاعي ل??ڳاپا وڌيڪ مستحڪم ڪرڻ ۾ ڪارائتو ثابت ٿيندو. ان کان اڳ صدر ڊاڪٽر عارف علوي ترڪ سامونڊي فوج جي ڪمانڊر کي پاڪستان ۽ ترڪيه جي وچ ۾ ميري ٽائيم ۽ سامونڊي تعاون کي فروغ ڏيڻ ۾ خدمتن جي اعتراف ۾ نشان امتياز (ملٽري) سان پڻ نوازيو.
متعلقہ مضامین
-
دلچسپ جنگلی تفریح کی سرکاری ویب سائٹ
-
Monsoon rains reducing water crisis in parched Tharparkar
-
Malala, Musharraf call for Nobel Peace Prize for Edhi
-
Army chief reaches Mardan to inquire about health of twin blasts victims
-
Akhtar obtains bail in 37 cases, directed to submit Rs100, 000
-
Two die of drug overdose
-
Governor Khyber Pakhtunkhwa stresses on improving quality of education
-
Details reveal ill-fated yet relatable mundane lives of PIA crash victims
-
IAF decision to ban beards ratified by Indian top court
-
چائنا ریسورسز سپورٹس اینڈ انٹرٹینمنٹ آفیشل پلیٹ فارم
-
دولت کا خدا بیٹنگ لنکس اور معاشرے پر اس کے اثرات
-
پی ایس الیکٹرانکس کے آفیشل ڈاؤن لوڈ کے طریقے اور اہم معلومات