اسلام آباد – 22 – آگسٽ (اي پي پي) نگران وزيراعظم انوارالحق ڪاڪڙ چيو آهي ته ٻارن جي حقن جي پائمالي ڪندڙ ڏوهارين جي خلاف باقاعده قانوني ڪارروائي ڪئي ويندي ۽ انهن کي جلد کان جلد ڪيفر ڪردار تائين پهچايو ويندو. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب اهڙن خيالن جو اظهار هن ٻارن جي حقن بابت قومي ڪميشن جي چيئرپرسن اڳوڻي سينيٽر عائشه رضا فاروق سان ڳالهائيندي ڪيو جنهن ڪالهه اڱاري ڏينهن ساڻس ملاقات ڪئي. ملاقات ۾ عائشه رضا فاروق انوارالحق ڪاڪڙ کي وزارت عظميٰ جو عهدو سنڀالڻ تي مبارڪباد ڏني ۽ نيڪ خواهشن جو اظهار ڪيو. وزيراعظم انوارالحق ڪاڪڙ اڳوڻي سينيٽر ۽ ٻارن جي حقن بابت قومي ڪميشن جي چيئرپرسن عائشه رضا فاروق جي قيادت ۾ ٻارن جي حقن بابت قومي ڪميشن جي ڪارڪردگي کي ساراهيو. وزيراعظم ٻارن جي حقن بابت قومي ڪميشن جي سهولت لاءِ سمورن وسيلن کي استعمال ۾ آڻڻ جو عزم ڪيو. ان موقعي تي عائشه رضا فاروق وزيراعظم کي ملڪ ۾ ٻارن سان زيادتي ۽ چائلڊ ليبر جي موجوده صورتحال بابت آگاهه ڪيو. وزيراعظم چيو ته ٻارن جي حقن جي پائمالي ڪندڙ ڏوهارين جي خلاف باقاعده قانوني ڪارروائي ڪئي ويندي ۽ انهن کي جلد کان جلد ڪيفر ڪردار تائين پهچايو ويندو. ملڪ ۾ ٻارن جي حقن جي تحفظ ۽ ٻارن جي حقن بابت قومي ڪميشن کي سهولت فراهم ڪرڻ جي لاءِ موثر قانونسازي ڪئي ويندي.
متعلقہ مضامین
-
SA speaker along with family members indicted in assets reference
-
LHC asks govt to give time frame for repatriating 44 prisoners from Iran
-
Government failed to keep promises made before merger: JUI MNA Mufti Abdul Shakoor
-
MQM-P leader Adil Siddiqui dies of Covid-19
-
FBR surpasses July-Nov revenue target by Rs19bn despite pandemic
-
The Covid ‘longhaulers’ behind a global patient movement
-
Daniel Pearl case: SC asks Sindh counsel to point out error in SHC judgement
-
PM to launch AirSial on 9th
-
PM to launch AirSial on 9th
-
TEVTA to establish 20 centres of excellence
-
Lahore jalsa will be referendum against ‘puppet’ government: PDM
-
IHC declares Nawaz Sharif proclaimed offender