اسلام آباد – 20 – جون (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف فرانسيسي صدر ايمانوئل ميڪرون جي دعوت تي پيرس ۾ منعقد ٿيندڙ نيو گلوبل فنانسنگ پيڪٽ سمٽ ۾ شرڪت جي لاءِ 22 کان 23 جون تائين فرانس جو سرڪاري دورو ڪندو. پرڏيهي آفيس جي ترجمان پاران جاري بيان موجب سربراهه اجلاس اڳواڻن کي هڪ نئين گلوبل آرڪيٽيڪچر جي شڪل تي خيالن جي ڏي وٺ ڪرڻ جو موقعو فراهم ڪري ٿو جيڪو پائيدار ترقي، ماحوليات، توانائي جي منتقلي ۽ موسمياتي تبديلي جي ايجنڊا جي مالي اعانت جي چئلينجن جو مقابلو ڪرڻ جي صلاحيت رکي ٿو. بيان موجب سربراهه اجلاس جو مقصد ايندڙ ٻن سالن دوران ٻين اهم عالمي تقريبن ۽ ڪانفرنسن جي سلسلي ۾ عالمي مالياتي نظام جي جامع سڌارن جي لاءِ گهربل اصولن ۽ قدمن جي وضاحت ڪرڻ ۽ اتر ۽ ڏکڻ جي وچ ۾ وڌيڪ متوازن ۽ منصفاڻي حصيداري جي راهه هموار ڪرڻ آهي. پاڪستان عالمي مباحثي ۾ هڪ اهم اسٽيڪ هولڊر، جي – 77 اينڊ چائنا ۾ هڪ رهنما ۽ موسمياتي تبديلين سان سڀ کان وڌيڪ متاثر ٿيندڙ سڀ کان وڏي اسرندڙ ملڪن مان هڪ جي طور تي سربراهه اجلاس ۾ ٿيندڙ بحث ۾ حصو وٺندو. وزيراعظم بحث ۾ عالمي مالياتي ادارن ۾ سڌارن، موسمياتي فنانس، گرين انفراسٽرڪچر، ايس ڊي جيز حاصل ڪرڻ ۽ قرضن بابت حل جي حوالي سان پاڪستان جو موقف ۽ تجويزون پيش ڪندو. وزيراعظم سربراهه اجلاس جي موقعي تي ٻين عالمي اڳواڻن سان ملاقاتون پڻ ڪندو.
متعلقہ مضامین
-
Indian Fascists have Crossed all limits: Gen Raheel Sharif
-
Pakistan hopes Afghan peace talks will resume at the earliest
-
Every detained MNA should be allowed to attend sessions: Abbasi
-
Reports about Saudi, UAE ministers’ remarks on Kashmir ‘speculative’: FO
-
Pakistan needs to increase its tax revenue to fund development
-
Pakistan needs to increase its tax revenue to fund development
-
Housing Society affectees get PLs worth billions
-
Italian envoy hails PRCS humanitarian services
-
Court permits Zardari to have AC if recommended by medical officer
-
Jail superintendent told to decide on Sanaullah’s plea for homemade food
-
Pakistan urges three world powers to help resolve Kashmir dispute
-
Bilawal accuses PTI govt of trying to ‘occupy Karachi’