اسلام آباد- 09 جون (اي پي پي) ايندڙ مالي سال ۾ وزيراعظم يوٿ پروگرام تحت آسان شرطن تي قرضن جي فراهميءَ لاءِ 10 ارب رپيا، يوٿ اسڪلز پروگرام لاءِ 5 ارب رپيا رکيا ويا آهن. بجيٽ تقرير دوران ناڻي واري وزير اسحاق ڊآر چيو ته اسان جي ملڪ جا نوجوان حڪومت جي خاص توجهه جا گهرجائو آهن ڇاڪاڻ ته اڄ جا نوجوان ئي اسان ملڪ جي روشن مستقبل جا ضامن آهن. هو قومي ترقي ۽ خوشحاليءَ ۾ وڏو اهم ڪردار ادا ڪري سگهن ٿا. ان لاءِ تجويز آهي ته ايندڙ ٽن سالن تائين ڪنهن نوجوان يا نوجوانن تي ٻَڌل اي او پي طرفان شروع ڪيل ڪاروبار سان ٿيل آمدنيءَ تي ٽيڪس جي شرح ۾ 50 سيڪڙو تائين گهٽتائي ڪئي وڃي. هيءَ رعايت انفرادي يا اي او پي جي صورت ۾ 20 لک رپين تائين ۽ ڪمپنيءَ جي صورت ۾ 50 لک رپين تائين هوندي. ان سهولت مان فائدو کڻڻ جي ضرورت آهي ڪاروبار جي مالڪ جي عمر 30 سال هجي ۽ هو ڪاروبار پهرين جولاءِ 23ع يا ان کان پوءِ شروع ڪيو وڃي، ان سان ڪاروباري سرگرمين ۾ حصو وٺندڙ نوجوانن جي همت افزائي ٿيندي ۽ نئين بزنس آئيڊيا رکندڙ بزنس ليڊرز سامهون اچي سگهندا. وزيراعظمي وٿ پروگرام ذريعي ننڍن قرضن جي حاصلات تحت پنهنجو ڪاروبار شروع ڪرڻ لاءِ رعايتي ريٽ تي قرض جي فراهمي لاءِ 10 ارب رپيا رکيا ويا آهن. وزيراعظم يوٿ اسڪلر پروگرام تحت نوجوانن جي خصوصي تربيت ڏيڻ لاءِ 5 ارب رپيا رکيا ويا آهن.
متعلقہ مضامین
-
Consult IAF before ‘invading’ AJK, ISPR responds to Indian minister
-
CM Punjab meets Speaker of Punjab Assembly and acting governor
-
Imran to meet Trump twice during US visit
-
Pakistan hopes Afghan peace talks will resume at the earliest
-
Pak Army soldier martyred in cross-LoC firing: ISPR
-
Top army, navy officers visit SC
-
Kashmiris to swarm streets if curfew lifted in IHK: Firdous
-
Federal minister directs schools not to increase fee by more than 5 percent
-
Housing Society affectees get PLs worth billions
-
Kashmiris to swarm streets if curfew lifted in IHK: Firdous
-
Provision of justice an important component of PTI manifesto: PM
-
Provision of justice an important component of PTI manifesto: PM