اسلام آباد – 08 – جون (اي پي پي) پرڏيهي آفيس جي ترجمان ممتاز زهره بلوچ چيو آهي ته ترڪمانستان جي وفد جي پاڪستان جي دوري دوران ڳالهه ٻولهه ۾ توانائي جي شعبي ۾ ٻطرفي تعاون تي ڌيان ڏنو ويندو. اها ڳالهه ترجمان پريس بريفنگ ۾ ٻڌائي. هن چيو ته ترڪمانستان جو هڪ اعليٰ سطحي وفد مملڪتي وزير ۽ ترڪمن گئس جي چيئرمين جي قيادت ۾ ٽن ڏينهن جي دوري تي گذريل ڏينهن پاڪستان پهتو آهي. هن چيو ته ڳالهه ٻولهه ۾ توانائي جي شعبي ۾ ٻطرفي تعاون بشمول ترڪمانستان – افغانستان – پاڪستان – ڀارت (تاپي) گئس پائيپ لائين ۽ ترڪمانستان – افغانستان – پاڪستان پاور ٽرانسميشن لائين پراجيڪٽ تي ڌيان ڏنو ويندو. هن اميد ظاهر ڪئي ته ٻئي ڌريون (تاپي) پائيپ لائين پراجيڪٽ جي تيز رفتار عملدرآمد جي لاءِ ”گڏيل عملدرآمد پلان“ کي حتمي شڪل ڏينديون. هن چيو ته منصوبي جي پڄاڻي پاڪستان جي عزم سان گڏوگڏ سستي، قابل اعتماد ۽ پائيدار توانائي جي لاءِ ان جي عزم جو عڪاس هوندو.
متعلقہ مضامین
-
Proclamations for summoning Nawaz Sharif published
-
Opp movement to protect loot and plunder destined to fail, says govt
-
Covid-19 may inflict a decade of economic pain to Mideast, Central Asia, warns IMF
-
NHS removes NIRM ED, DD on committee’s recommendations
-
Leader of Hezb-e-Islami Afghanistan, meet with Pakistani FM along with delegation
-
A worthy decision
-
Opposition’s agenda of dissent reflects lack of political acumen
-
Federal Cabinet approves second hike in drug prices in a month
-
To most, age is just a number
-
Security of Chinese working in Pakistan top priority: IGP
-
Opposition bent upon blocking journey towards growth: CM
-
Chief of the Naval Staff Admiral M. Amjad Khan Niazi called on Governor Punjab Chaudhry Sarwar