اسلام آباد – 01 – جون (اي پي پي) پرڏيهي سيڪريٽري ڊاڪٽر اسد مجيد خان آذربائيجان جو دورو مڪمل ڪري ورتو. پرڏيهي آفيس جي ترجمان موجب آذربائيجان جي گادي واري شهر باڪو ۾ ڌرين گهڻ رخي ۽ تاريخي لاڳاپن جو جائزو ورتو. هنن اعليٰ سطح جي مٽاسٽا جو انگ وڌيڪ وڌائڻ ۽ سمورن شعبن ۾ ٻطرفي تعاون کي مضبوط بڻائڻ جي لاءِ موجوده اداراجاتي ميڪانزم کي بهترين طريقي سان استعمال ڪرڻ تي اتفاق ڪيو. ٻطرفي واپار کي وڌائڻ ۽ توانائي، انفارميشن ٽيڪنالاجي، افرادي قوت، زراعت، ٽرانسپورٽ رابطن ۽ تعليم جي شعبن ۾ تعاون وڌائڻ تي اتفاق ڪيو ويو. ٻئي طرف پاڪستان ۽ جارجيا جي ٻطرفي سياسي مشاورت جو افتتاحي اجلاس تبليسي ۾ منعقد ٿي رهيو آهي. ڳالهه ٻولهه ۾ پرڏيهي سيڪريٽري ڊاڪٽر اسد مجيد خان ۽ جارجيا جو نائب پرڏيهي وزير اليگزينڊر خوتيشيا شويلي لاڳاپيل ڌرين جي قيادت ڪري رهيا آهن. ايجنڊا ۾ واپار ۽ سيڙپڪاري، سياحت، تعليم ۽ انفارميشن ٽيڪنالاجي سان گڏوگڏ گڏيل دلچسپي جي علائقائي ۽ عالمي معاملن تي خيالن جي ڏي وٺ شامل آهي.
متعلقہ مضامین
-
CM Punjab meets Speaker of Punjab Assembly and acting governor
-
Reports about Saudi, UAE ministers’ remarks on Kashmir ‘speculative’: FO
-
Altaf Hussain’s bail extended again in hate speech inquiry
-
CJP forms seven-judge bench to hear Justice Isa’s petition
-
EU lawmaker for imposing trade and travel restrictions on India
-
Pakistan needs to increase its tax revenue to fund development
-
Pakistan needs to increase its tax revenue to fund development
-
Life remains paralysed in IHK for sixth consecutive week
-
Federal govt conspiring to divide Sindh: Khuhro
-
Federal minister directs schools not to increase fee by more than 5 percent
-
Provision of justice an important component of PTI manifesto: PM
-
LHC allows Faryal Talpur to attend Sindh Assembly session