اسلام آباد– 18 – جنوري (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي پنجگور، بلوچستان ۾ سيڪيورٽي فورسز تي دهشتگرد حملي جي سخت مذمت ڪندي دهشتگردي جي خلاف قوم جي اڻٿڪ عزم کي ورجايو آهي. ايوان صدر جي پريس ونگ پاران جاري بيان موجب صدر دهشتگردي جي خلاف قوم جي اڻٿڪ عزم کي ورجايو. هن دهشتگرد حملي ۾ سيڪيورٽي فورسز جي 4 اهلڪارن جي شهادت تي گهري ڏک جو اظهار ڪيو. ڊاڪٽر عارف علوي شهيدن جي خدمتن ۽ ملڪ جي لاءِ عظيم قرباني تي انهن کي خراج عقيدت پيش ڪيو. صدر شهيد اهلڪارن جي بهادري تي انهن کي سلام پيش ڪيو. صدر پنجگور دهشتگرد حملي جي شهيدن جي پونئيرن سان همدردي جو اظهار ڪيو. هن شهيدن جي درجن جي بلندي ۽ پونئيرن جي لاءِ صبر جميل جي دعا ڪئي.
متعلقہ مضامین
-
Pakistan expects incoming Chinese envoy to promote business ties, boost CPEC
-
Economic growth through infrastructure development
-
TTS faculty decries HEC ‘failure’ to resolve their issues
-
Healthy lifestyle can help reduce heart diseases, say: experts
-
Army captain martyred in clash with terrorists
-
Pakistan will not ‘back off’ from facilitation of Afghan peace: FM
-
Shehbaz Sharif’s arrest will only ‘add fuel to the fire’: Maryam
-
Shehbaz behind bars, once again
-
Gulf companies keen to invest in Gwadar Free Zone: Asim Bajwa
-
Shehbaz behind bars, once again
-
Money laundering case: non-bailable arrest warrants for Shehbaz’s wife, daughter issued
-
Primary schools open from today across country