اسلام آباد – 07 – ڊسمبر (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف چيو آهي ته پاڪستان ۽ قطر جا ويجها ۽ ڀائراڻا لاڳاپا گڏيل مذهب، گڏيل اعتماد ۽ مفاهمت تي ٻڌل آهي. اها ڳالهه هن قطر جي سفير سعود بن عبدالرحمان الثاني سان ڳالهائيندي چئي جنهن ساڻس ملاقات ڪئي. ملاقات دوران قطر جي سفير قطر جي عوام ۽ قيادت پاران پاڪستان جي قيادت ۽ عوام جي لاءِ نيڪ خواهشن جو اظهار ڪيو. وزيراعظم ٻطرفن لاڳاپن ۾ مثبت اڳڀرائي کي ساراهيو. هن قطر ۾ فيفا 2022ع ورلڊ ڪپ جي ڪامياب ميزباني تي قطري قيادت کي مبارڪباد ڏني. هن افرادي قوت جي شعبي ۾ قطر پاران ڪيل ذڪر جوڳي سڌارن کي ساراهيو. وزيراعظم چيو ته پاڪستان فيفا ورلڊ ڪپ 2022ع جي لاءِ سيڪيورٽي اهلڪار فراهم ڪري ورلڊ ڪپ ۾ مدد ڪرڻ تي خوشي ۽ اعزاز محسوس ڪري رهيو آهي. اها فخر جي ڳالهه آهي ته ورلڊ ڪپ ۾ استعمال ٿيندڙ فٽبال ”الرحلا“ ميڊ ان پاڪستان آهي. هن چيو ته پاڪستان ۽ قطر جي وچ ۾ ويجها ۽ خوشگوار ڀائراڻا لاڳاپا آهن جن جو بنياد گڏيل مذهب، گڏيل اعتماد ۽ افهام تفهيم ۽ ويجهي تعاون تي آهي. هن چيو ته قطر 2 لک 10 هزار کان وڌيڪ پاڪستانين جو گهر آهي جيڪي ٻنهي ڀائر ملڪن جي ترقي، خوشحالي ۽ اقتصادي ترقي ۾ پنهنجو ڪردار ادا ڪري رهيا آهن.
متعلقہ مضامین
-
TTS faculty decries HEC ‘failure’ to resolve their issues
-
Tailgating or tolerance — Your weapon of choice to win the race?
-
SC accepts appeal by Daniel Pearl’s family against Sheikh’s acquittal
-
Pakistan will not ‘back off’ from facilitation of Afghan peace: FM
-
Army captain martyred in clash with terrorists
-
Pakistan will not ‘back off’ from facilitation of Afghan peace: FM
-
Money laundering case: non-bailable arrest warrants for Shehbaz’s wife, daughter issued
-
NAB granted 14-day physical remand of Shehbaz Sharif
-
Indian army martyrs soldier, teenage boy along LoC
-
Pakistan calls for one-year extension in G20 debt relief for poor countries
-
Afghan peace negotiator urges ‘new era’ in ties with Pakistan
-
NAB to summon Maulana Fazl in assets beyond means inquiry