اسلام آباد-22 سيپٽمبر (اي پي پي) پاڪ فضائيه سنڌ، ڪي پي ڪي، بلوچستان ۽ ڏکڻ پنجاب جي ٻوڏ متاثرن لاءِ انساني همدرديءَ جي بنياد تي طبي امداد جي فراهمي ۽ بحاليءَ جي ڪاررواين ۾ سرگرم آهي. پاڪ فضائيه جي ترجمان مطابق پاڪ فضائيه جا اهلڪار ٻوڏ متاثر کي رهائش، طبي سهولتون، خوراڪ ۽ پيئڻ جي صاف پاڻيءَ جهڙيون بنيادي ضرورتون وقت سر فراهم ڪرڻ لاءِ پنهنجي ڀرپور خدمت فراهم ڪري رهيا آهن. پاڪ فضائيه جي قائم ڪيل ميڊيڪل ليب ڪليڪشن پوائنٽس ٻوڏ متاثرن ۾ وڏي پيماني تي پکڙجندڙ پاڻيءَ سبب بيمارين جهڙوڪ گيسٽرو، ڊينگي، مليريا، دستن ۽ اُلٽين جي سُڃاڻپ جي عمل ۾ مصروف آهي. پاڪ فضائيه جي فيلڊ ميڊيڪل ڪيمپن ۾ ٻوڏ متاثرن کي مفت دوائون ۽ طبي سهولتون ڏنيون پيون وڃن. گذريل 24 ڪلاڪن دوران پاڪ فضائيه ضرورتمند ڪٽنبن ۾ 17960 پڪل کاڌي جا پئڪيٽ، 250 پاڻيءَ جون بوتلون ۽ 1730 خشڪ راشن جا پئڪيٽ ورهايا. ان کان علاوه پاڪ فضائيه جي ميڊيڪل ٽيمن 1407 مريضن جو طبي معائنو ڪيو.
متعلقہ مضامین
-
Closed for vacation: France faces new virus testing troubles
-
UBL profits grow by 19% to Rs 11.4 billion in H1 of 2020
-
MQM-P reiterates demand for a separate province
-
Flour mills involved in smuggling subsidised flour to be sealed: minister
-
SOPs devised for reopening of schools
-
PM Imran Khan to address Azad Kashmir Assembly today as country observes Youm-e-Istehsal
-
Govt, opposition get united to mark Youm-e-Istehsal today
-
CJP vows not to ‘let go’ those responsible for APS tragedy
-
Pakistan condemns construction of ‘Ram Mandir’ on the site of historic Babri Masjid
-
Rallies being held across Pakistan on ‘Youm-e-Istehsal’
-
PTI worker under police terror
-
Govt, opposition get united to mark Youm-e-Istehsal today