اسلام آباد – 11 – مارچ (اي پي پي) ڀارتي ناظم الامور کي پرڏيهي آفيس طلب ڪري ڀارت کان ايندڙ ”سپر سونڪ فلائنگ آبجيڪٽ“ جي پاڪستاني فضائي حدن جي هروڀرو خلاف ورزي تي شديد احتجاج ڪيو ويو، فلائنگ آبجيڪٽ 9 مارچ تي پاڪستاني وقت موجب 6 لڳي 43 منٽن تي ڀارتي علائقي ”سورت ڳڙهه“ کان پاڪستاني حدن ۾ داخل ٿيو ۽ تقريبن 6 لڳي 50 منٽن تي پاڪستان ۾ ميان چنو شهر جي ويجهو زمين تي ڪريو، جنهن سان شهري ملڪيتن کي نقصان پهتو. پرڏيهي آفيس جي ترجمان موجب ڀارتي سفارتڪار کي آگاهه ڪيو ويو ته فلائنگ آبجيڪٽ سان نه رڳو شهري ملڪيتن کي نقصان پهتو پر ان زمين تي انساني جانين کي به خطري ۾ وجهي ڇڏيو، ان کانسواءِ فلائنگ آبجيڪٽ پاڪستاني فصائي حدن ۾ ڪيترن ئي ملڪي ۽ عالمي اڏامن لاءِ به سنگين خطري جو باعث بڻيو آهي، ان جي نتيجي ۾ هوابازي جي سنگين حادثي سان گڏوگڏ شهري فوتگيون به ٿي سگهيون پئي، ڀارتي ناظم الامور کي ٻڌايو ويو ته هو ڀارتي حڪومت کي پاڪستاني فضائي حدن جي ان کلي خلاف ورزي جي سخت مذمت کان آگاهه ڪري جيڪا عالمي اصولن ۽ ايوي ايشن سيفٽي پروٽوڪول جي خلاف ورزي آهي. ترجمان چيو ته ان طرح جا غير ذميداڻا واقعا فضائي سيفٽي کي نظر انداز ڪرڻ ۽ علائقائي امن ۽ استحڪام کي خطرن ۾ وجهڻ بابت ڀارتي روين جا به عڪاس آهن. پاڪستان ان واقعي جي مڪمل ۽ شفاف تحقيقات ۽ ان جا نتيجا پاڪستان سان شيئر ڪرڻ جو مطالبو ڪيو آهي ۽ ڀارتي حڪومت کي خبردار ڪيو وڃي ٿو ته هو ان طرح جي غفلت جي ناخوشگوار نتيجن کي ذهن ۾ رکي ۽ مستقبل ۾ اهڙين خلاف ورزين کان بچڻ لاءِ موثر قدم کڻي.
متعلقہ مضامین
-
Coronavirus isolation ward at CMCH lacks proper medical, testing facilities
-
NA speaker convenes national dialogue on agriculture
-
Command & Staff Conference resolves for enhanced combat readiness
-
National Assembly passes Zainab Alert Bill
-
TTP militant killed in blast
-
Sarwar announces business plan for Governor House to bear own expenses
-
Sarwar announces business plan for Governor House to bear own expenses
-
Uniform curriculum from grade 1-6 from April 2021: minister
-
IGP launches Zainab Alert mobile app
-
Govt committed to judicious spending of uplift funds: PM
-
OICCI members meet PM to assure foreign investors’ interest in Pakistan
-
Govt to conduct balloting for Hajj Scheme 2020 today