اسلام آباد – 28 فيبروري (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي يونيورسٽين تي زور ڏنو آهي ته اهي ملڪ ۾ گريجوئيٽس ۾ اضافي ۽ آن لائين تعليم جي فروغ لاءِ پنهنجي تعليمي نظام جي سگهه ۽ موقعن ۾ اضافو ڪن، دنيا جي وڌندڙ ضرورتن تي پورو لهڻ جي لاءِ اعليٰ تعليمي نظام ۾ آن لائين تعليم تي ڌيان ڏيڻ جي ضرورت آهي. اهڙن خيالن جو اظهار هن سرحد يونيورسٽي آف سائنس اينڊ انفارميشن ٽيڪنالاجي پشاور جي 14 هين ڪانووڪيشن کي خطاب ڪندي ڪيو. صدر چيو ته 2030ع تائين انفارميشن ٽيڪنالاجي جي شعبي ۾ 80 ڪروڙ گريجوئيٽس جي ضرورت هوندي. پاڪستان جي لاءِ سڀني کي تعليم جي فراهمي، ترقي لاءِ اهميت رکي ٿي. آن لائين تعليم ان مقصد کي تيزي سان حاصل ڪرڻ جو واحد ذريعو آهي. هن مصنوعي ذهانت ۽ ڪمپيوٽنگ جي صدارتي قدم کي اهم قدم قرار ڏنو جيڪو ٽيڪنالاجي کي اختيار ڪري ملڪ ۾ تعليم، تحقيق ۽ ڪاروباري نظام جي لاءِ انقلابي ثابت ٿي سگهي ٿو. هن چيو ته پاڪستان ۾ نوجوانن جو وڏو انگ آهي جيڪو ملڪ جي لاءِ ترقي جو وڏو ذريعو ثابت ٿي سگهي ٿو. گريجوئيٽس کي معياري تعليم ۽ جديد مهارتن جي تعليم حاصل ڪرڻ گهرجي. هن چيو ته دنيا انساني وسيلن جي ڏس ۾ پاڪستان طرف ڏسي رهي آهي. هن عالمي مارڪيٽ ۾ وڌندڙ ضرورتن جي ڏس ۾ انهن موقعن مان فائدو کڻڻ تي زور ڏنو. وزيراعظم عمران خان جي تازي چين جي دوري کي ترقي جي ڏس ۾ اهم قرار ڏنو. هن چيو ته زراعت، فارماسيوٽيڪل، آٽو موٽو، ٽيڪسٽائيل ۽ انفارميشن ٽيڪنالاجي ۾ پاڪستاني شاگردن ۽ پروفيشنلز جي لاءِ وسيع موقعا موجود آهن. پاڪستان مستحڪم ملڪ طور اڀري رهيو آهي جنهن جي مختلف شعبن ۾ وسيع موقعا موجود آهن. هن نوجوانن تي زور ڏنو ته اهي ملڪ ۾ مايوسي جي بيانن تي ڌيان نه ڏين. هن مختلف شعبن ۾ پوزيشن ماڻيندڙ گريجوئيٽس کي مبارڪباد ڏني ۽ انهن تي زور ڏنو ته اهي اخلاقيات، اسلامي روايتن ۽ قومي سڃاڻپ جي اصولن تي عمل ڪندي سخت محنت ڪن.
متعلقہ مضامین
-
Five policemen test positive for COVID-19 in Lahore
-
Final decision on lockdown delayed to ‘build consensus’
-
Five policemen test positive for COVID-19 in Lahore
-
CAA has permitted ‘Flydubai’ for a special flight from Dubai-Faislabad
-
Five policemen test positive for COVID-19 in Lahore
-
Buzdar inspects Ehsaas Kafalat programme distribution points
-
Final decision on lockdown delayed to ‘build consensus’
-
Indian army using Kashmiris as human shields in border skirmish with Pakistan
-
AJK president suggests quarantine facility for Kashmiri expats in Islamabad
-
Lockdown not applicable to mosques, congregational prayers to begin: ulema
-
Top US team discusses Afghan peace process with Gen Bajwa
-
Ord against hoarding, smuggling in the offing