اسلام آباد – 18 فيبروري (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري مملڪتي وزير فرخ حبيب چيو آهي ته شهباز شريف فرد جرم روڪڻ جي لاءِ نيون درخواستون داخل ڪيون آهن، جيڪڏهن ٽڪي جي به ڪرپشن ناهي ڪئي ته ڪيس ۾ التوائن ۽ ڊگهين تاريخن جي پٺيان ڇو لڪي رهيو آهي. شهباز شريف ۽ حمزه شهباز جي ڪيس بابت صحافين سان ڳالهائيندي مملڪتي وزير فرخ حبيب چيو ته اڄ شهباز شريف ۽ حمزه شهباز جي خلاف ايف آءِ اي جي ڪيس جي ٻڌڻي ٿي، شهباز شريف ۽ حمزه شهباز جي خلاف فرد جرم لاڳو ٿيڻي هئي، سدائين وانگر التوا وٺڻ جا ڪڌا حربا اڄ به استعمال ڪيا ويا. شهباز ۽ حمزه پاران فرد جرم کي روڪڻ جي لاءِ مختلف درخواستون داخل ڪيون ويون آهن، جن جو مقصد اهو آهي ته اصل ڪيس جي ڪارروائي روڪي وڃي. هن چيو ته انهن کان هڪ بنيادي سوال آهي ته جيڪڏهن ٽڪي جي ڪرپشن ناهي ڪئي ته فرد جرم لڳڻ ڏيو، فرد جرم جو جواب ڏيو ته رمضان شگر ملز جي 14 ملازمن جي اڪائونٽس ۾ 17 هزار ٽرانزيڪشن ڇو ٿيون، شهباز شريف عدالت کي ٻڌائي ته 10 هزار رپيا ماهوار پگهار کڻندڙ مقصود چپڙاسي جي اڪائونٽ ۾ 4 ارب ڪيئن آيا، شهباز شريف، حمزه ۽ سليمان ملازمن جي نالي تي 14 بي نامي اڪائونٽ کوليا ۽ انهن جي ذريعي مني لانڊرنگ ڪئي. هن چيو ته اڄ شهباز شريف پاڻ ڊگهي تاريخ گهري جيڪڏهن ٽڪي جي ڪرپشن ناهي ڪئي ته روزانو ٻڌڻي جو مطالبو ڪريو، جڏهن عمران خان جي خلاف انهن بليڪ ميلنگ جي لاءِ ڪيس ڪيو ته عمران خان ڪمائي جو 40 سالا رڪارڊ پيش ڪيو، ان وقت عمران خان اهڙي قسم جو ڪو جعلي قطري خط پيش نه ڪيو هو، عمران خان ان وقت وزيراعظم يا پبلڪ آفيس هولڊر به نه هو.
متعلقہ مضامین
-
وزيراعظم عمران خان پاران صحافي اطهر متين جي بي رحماڻي قتل تي ڏک جو اظهار
-
پاڪستان وٽ مناسب ٽيڪ ٽيلينٽ موجود آهي جڏهن ته ان جي معيشت غيرملڪي سيڙپڪاري جي لاءِ وڌيڪ سازگار ٿي رهي آهي: صدر
-
سنڌ جي گورنر عمران اسماعيل ۽ اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير چوڌري فواد حسين پاران سينيٽر ڊاڪٽر ثانيه نشتر جي والده جي لاڏاڻي تي تعزيت جو اظهار
-
وزيراعظم عمران خان سان قومي اسيمبلي جي اسپيڪر اسد قيصر جي ملاقات
-
وزيراعظم عمران خان سان ڪراچي مان قومي اسيمبلي ميمبر آفتاب صديقي جي ملاقات
-
مملڪتي وزير فرخ حبيب پاران سينيئر صحافي، ڪالم نگار عطاءُ الرحمان جي لاڏاڻي تي ڏک جو اظهار
-
صدر پاران بئنڪنگ محتسب جي ريليف جي فراهمي تي اطمينان جو اظهار
-
پاڪستان روس سان ڊگهي مدي وارن ٻطرفن لاڳاپن جي لاءِ پرعزم آهي، پاڪستان هڪ مستحڪم ۽ پرامن افغانستان جي لاءِ عالمي برادري سان گڏجي ڪم جاري رکندو، والاريل ڪشمير جي تڪرار جو پرامن حل ضروري آهي: وزيراعظم
-
هڪ ٻي تاريخ، شهباز شريف جو ڪيس ايترو ڪمزور آهي ته هو عدالت کان ڇو ڀڄي رهيو آهي؟: چوڌري فواد حسين
-
ملڪ جي نوجوانن جي روشن مستقبل جي لاءِ جديد تعليم ۽ هنر جي فراهمي جو پروگرام ڪرنگهي جي هڏي جي حيثيت رکي ٿو: صدر
-
صدر ڊاڪٽر عارف علوي پاران اڳوڻي گهرو وزير رحمان ملڪ جي لاڏاڻي تي افسوس جو اظهار
-
صدر ڊاڪٽر عارف علوي پاران پارليامينٽ جي ڊيجيٽلائيزيشن منصوبي کي جنوري 2023ع تائين مڪمل ڪرڻ جي هدايت