اسلام آباد – 09 فيبروري (اي پي پي) پرڏيهي وزير مخدوم شاهه محمود قريشي چيو آهي ته پاڪستان بنگلاديش سان ٻطرفي واپاري ۽ اقتصادي لاڳاپن جي فروغ جو خواهشمند آهي، اها ڳالهه هن پاڪستان ۾ مقرر بنگلاديش جي هاءِ ڪمشنر رو العالم صديقي سان ڳالهائيندي چئي جنهن پرڏيهي وزارت ۾ ساڻس ملاقات ڪئي. ملاقات دوران ٻطرفي لاڳاپن، گڏيل دلچسپي جي معاملن ۾ ٻطرفي تعاون جي فروغ سميت اهم معاملن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. بنگلاديش جي هاءِ ڪمشنر پنهنجي قيادت پاران پاڪستاني قيادت لاءِ خير سگالي جو پيغام پهچايو، پرڏيهي وزير چيو ته پاڪستان بنگلاديش سان گڏ ٻطرفي لاڳاپن کي خصوصي اهميت ڏي ٿو، ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ ٻطرفا لاڳاپا هڪجهڙي عقيدي ۽ ثقافت جي بنياد تي هموار آهن. شاهه محمود قريشي چيو ته پاڪستان اقتصادي ترجيحن ۽ علائقائي رابطن کي وڌائڻ جي ايجنڊا تي عمل پيرا آهي. هن چيو ته پاڪستان بنگلاديش سان گڏ ٻطرفي واپاري ۽ اقتصادي لاڳاپن جي فروغ جو خواهشمند آهي. پرڏيهي وزير پاڪستان ۽ بنگلاديش جي وچ ۾ ٻطرفي لاڳاپن جي استحڪام لاءِ اعليٰ سطحي رابطن جي فروغ جي ضرورت تي زور ڏنو، پاڪستان ۾ بنگلاديش جي هاءِ ڪمشنر رو العالم صديقي پرڏيهي وزير جو ٿورو ادا ڪندي ٻطرفي لاڳاپن جي استحڪام لاءِ پنهنجون ڀرپور ڪوششون استعمال ۾ آڻڻ جي خاطري ڪرائي.
متعلقہ مضامین
-
PEMRA suspends licenses of Din News, Neo TV
-
Security agencies foil terror attempt, recover arms from Chaghai
-
PM takes President Mamnoon into confidence over COAS appointment
-
PMs laptop distribution scheme lauded
-
Change of command
-
Change of command
-
PMs decision on COAS wise: Marriyum
-
Punjab to uplift healthcare with Turkeys help
-
SC moved to summon PM in Panamagate case
-
SBP maintains interest rate at 5.75 percent
-
Govt generates over Rs 60bn from privatisation of 98 industrial units: report
-
Govt generates over Rs 60bn from privatisation of 98 industrial units: report