اسلام آباد – 08 فيبروري (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري مملڪتي وزير فرخ حبيب چيو آهي ته حڪومت جا اتحادي ڪالهه به گڏ هئا ۽ آئنده به گڏ رهندا، سڀ چور پنهنجي چوري بچائڻ لاءِ گڏ ٿي ويا آهن، انهن جي ملاقات سان حڪومت کي ڪو به فرق نه پوندو. نجي ٽي وي چئنل سان ڳالهائيندي مملڪتي وزير فرخ حبيب چيو ته شهباز شريف جي خلاف ايف آءِ اي جو 16 ارب ۽ نيب ۾ ساڍا 7 ارب روپين جي ٽي ٽيز جو ڪيس هلي رهيو آهي، هن چيو ته انهن کي خبر پئجي وئي اهي ته انهن جي چوري پڪڙي وئي آهي ۽ احتساب جو عمل اڳتي وڌي رهيو آهي، اهو ئي سبب آهي جو مخالف ڌر جيڪا ڪالهه هڪٻئي کي سليڪٽيڊ چوندي هئي اڄ وري انهن جي ملاقاتن جو سلسلو شروع ٿي ويو آهي. سياسي پارٽيون ملاقاتون ڪنديون آهن پر گذريل ساڍا ٽي سالن کان اتحادي حڪومت سان گڏ آهن ۽ آئنده به گڏ رهندا.
متعلقہ مضامین
-
Omni Group’s AG Majeed to walk out of prison as IHC grants bail in last case
-
Govt fails to pass bills in PA as quorum collapses
-
Two suspects in MPA Shahnaz Ansari murder case sent on judicial remand
-
PIA suspends flight operation to Qatar till March 31
-
PM says greener pastures ahead as U-21 Games kick off in Peshawar
-
PM says greener pastures ahead as U-21 Games kick off in Peshawar
-
SC extends hearing of Khawaja brother’s bail plea for 7 days
-
Wife of Indian Punjab CM visits Kartarpur Sahab
-
26 killed as bus plunges into ravine near Skardu
-
No case of Coronavirus in Punjab: Fayyazul Hassan Chohan
-
LHC directs PEMRA to run TV campaign on Coronavirus
-
Three suspected terrorists arrested during Rangers’ operation in Karachi