اسلام آباد – 29 اپريل (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي چونڊ عمل ۾ شفافيت لاءِ آءِ ووٽنگ جي نظام جي اهميت تي زور ڏيندي سائنس ۽ ٽيڪنالاجي واري وزارت ۽ ٻين لاڳاپيل ادارن کي هدايت ڪئي آهي ته جديد سيڪيورٽي خاصيتن جي حامل اليڪٽرانڪ ووٽنگ مشين جي تياري جي عمل کي وڌيڪ تيز ڪرڻ ڪيو وڃي، انٽرنيٽ ووٽنگ سسٽم سان نه رڳو سمنڊ پار پاڪستانين کي سهولت ملندي پر مجموعي چونڊ عمل ۾ به بهتري ايندي. هو انٽرنيٽ ووٽنگ بابت ايمرجنگ ٽيڪنالاجيز بابت ذيلي ڪميٽي جي اجلاس جي صدارت ڪري رهيو هو. صدر ملڪ ۾ چونڊ عمل ۾ شفافيت لاءِ آءِ ووٽنگ جو نظام متعارف ڪرائڻ جي ضرورت تي زور ڏنو ۽ ان ڏس ۾ سائنس ۽ ٽيڪنالاجي واري وزارت ۽ ٻين لاڳاپيل ادارن کي هدايت ڪئي ته جديد سيڪيورٽي خصوصيتن جي حامل اليڪٽرانڪ ووٽنگ مشين جي تياري جي عمل کي وڌيڪ تيز ڪيو وڃي. هن چيو ته انٽرنيٽ ووٽنگ سسٽم متعارف ٿيڻ سان جتي سمنڊ پار پاڪستانين کي سهولت ميسر ايندي اتي ان سان ملڪ جي مجموعي چونڊ عمل ۾ به بهتري ايندي. صدر چيو ته چونڊ عمل جي ساک محفوظ بڻائڻ لاءِ چونڊ سامان جي سيڪيورٽي ۽ ٻي عمل کي فول پروف ۽ شفاف هجڻ گهرجي. اجلاس ۾ سائنس ۽ ٽيڪنالاجي واري وفاقي وزير سينيٽر شبلي فراز وزارت پاران اليڪٽرانڪ ووٽنگ مشين جي تياري لاءِ قدمن جي باري ۾ بريفنگ ڏني.
متعلقہ مضامین
-
Chinese consulate attack ‘facilitator’ arrested in UAE
-
PPP ready for ‘long march’ to protect 18th Amend: Bilawal
-
Sahiwal victims’ family refuses to take part in identification parade
-
SC dismisses review petition against Asia Bibi’s acquittal
-
Govt introduces one window option to register new companies online
-
Asia Bibi free to travel anywhere: FO
-
Sahiwal victims’ family refuses to take part in identification parade
-
Govt introduces one window option to register new companies online
-
Sahiwal encounter illegal
-
Sahiwal victims’ family refuses to take part in identification parade
-
Taliban, US committees to prepare strategy for troop withdrawal, curbing terror
-
Govt in attempt to bring 5G technology in Pakistan, Minister for IT