اسلام آباد – 22 اپريل (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان سان سريلنڪا جي مشهور ٻڌ ڀڪشوئن جي 11 رڪني وفد ملاقات ڪئي آهي. اهو وفد حڪومت جي دعوت تي پاڪستان جي دوري تي آيل آهي. وزيراعظم وفد جي آجيان ڪندي پاڪستان ۽ سريلنڪا جي عوام جي وچ ۾ رابطي ۽ بين المذاهب هم آهنگي وڌائڻ جي ضرورت تي زور ڏنو. وزيراعظم عمران خان پاڪستان جي شاندار گنڌارا تهذيبي ورثي کي اجاگر ڪندي چيو ته پاڪستان کي دنيا ۾ ٻڌهن جي سڀ کان مقدس ماڳن کي سارسنڀال ڪرڻ تي فخر آهي، پاڪستان ۾ سڄي دنيا کان سياح مذهبي ماڳن جي زيارت لاءِ ايندا آهن، هن چيو ته پاڪستان ۾ بي مثال قدرتي حسن سان مالا مال ۽ تاريخي ۽ تهذيبي ماڳ آهن، وزيراعظم وفد کي ٻڌايو ته سندس حڪومت ٻڌهن جي مقدس ماڳن جي حوالي سان هڪ ٽريل بڻائڻ تي ڪم ڪري رهي آهي جنهن جي ذريعي هو پنهنجي مقدس ماڳن کي زيارت ڪري سگهندا، هن چيو ته ان ٽريل سان جديد سهولتون فراهم ڪيون وينديون جنهن سان سڄي دنيا مان ايندڙ ٻڌ زائرين کي پنهنجي مقدس ماڳن جي زيارت ڪرڻ ۾ سهولت حاصل ٿيندي، وفد حڪومت طرفان ان منصوبي ۽ پاڪستان م ٻڌهن جي مذهبي ماڳن ۽ آثار قديمه جي بحالي ۽ رنگ روغن کي ساراهيو، وفد چيو ته پاڪستان سڄي دنيا جي سياحن ۽ زائرين لاءِ پرڪشش ملڪ آهي، وفد سريلنڪا سان پاڪستان جي پراڻي دوستاڻي لاڳاپن، تعاون ۽ يڪجهتي کي ساراهيو.
متعلقہ مضامین
-
PM apprised on legislation to criminalize enforced disappearance
-
Police needs to change its conduct and behaviour towards people: Buzdar
-
Chinese consulate attack ‘facilitator’ arrested in UAE
-
Zardari disqualification petition: political fights should be fought in parliament: IHC
-
Chinese challenge to India’s quest for NSG
-
Five killed in Panjgur firing
-
German envoy lauds PM’s efforts for cancer patients’ treatment
-
Govt announces 2019’s public holidays
-
India has exposed its real face after human rights violations in IHK: Fawad
-
NA speaker forms standing committees, names members
-
Five-day multinational maritime exercise ‘AMAN-19’ begins today
-
State oppression on the rise