اسلام آباد – 22 اپريل (اي پي پي) نجڪاري واري وفاقي وزير ۽ نجڪاري بورڊ جي چيئرمين محمد ميان سومرو جي صدارت ۾ ڇنڇر ڏينهن اجلاس ۾ سرڪاري ادارن جي نجڪاري جو جائزو ورتو ويو. نجڪاري واري وزارت مان جاري بيان موجب نجڪاري واري وفاقي وزير محمد ميان سومرو جي صدارت ۾ نجڪاري ڪميشن هفتيوار جائزي اجلاس منعقد ٿيو، اجلاس ۾ نجڪاري وري وفاقي سيڪريٽري حسن ناصر جامي، نجڪاري واري ايڊيشنل سيڪريٽري خاقان بابر سميت اعليٰ آفيسرن شرڪت ڪئي، ان موقعي تي وفاقي وزير کي نجڪاري لسٽ ۾ شامل مختلف ادارن تي ٿيندڙ اڳڀرائي تي بريفنگ ڏني وئي ۽ نجڪاري جي سلسلي ۾ درپيش مشڪلاتن ۽ رڪاوٽن کي ختم ڪرڻ جي عمل جو جائزو ورتو ويو. اجلاس ۾ سروسز انٽرنيشنل هوٽل، هيوي اليڪٽريڪل ڪمپليڪس، گُڊو ۽ نندي پور پاور پلانٽس، جناح ڪنوينشن سينٽر، فرسٽ ويمن بئنڪ ۽ نيشنل پاور پارڪس مينيجمينٽ سميت ٻين ادارن جي نجڪاري جي حوالي سان هيستائين اڳڀرائي جو تفصيلي جائزو ورتو ويو.
متعلقہ مضامین
-
Police needs to change its conduct and behaviour towards people: Buzdar
-
PM apprised on legislation to criminalize enforced disappearance
-
Senate body rejects JIT; demands judicial probe into Sahiwal tragedy
-
Chinese consulate attack ‘facilitator’ arrested in UAE
-
Zardari disqualification petition: political fights should be fought in parliament: IHC
-
Senate panel approves bill to raise marriage age limit to 18 years
-
Sehat Sahulat Program: 15 m families to get health card
-
Pakistan urges India to stop anti-Pakistan rhetoric in its domestic politics
-
South Asia challenges to grow in 2019 due to India, Afghanistan elections: US
-
South Asia challenges to grow in 2019 due to India, Afghanistan elections: US
-
Saudi crown prince to visit Pakistan; $14b investment expected
-
PM directs FBR to focus on big tax evaders, non-filers