سرگوڌا – 14 اپريل (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان چيو آهي ته پاڪستان جي تاريخ ۾ پهريون ڀيرو هائوسنگ جي شعبي ۾ سرڪاري سطح تي ايترو وڏو منصوبو شروع ڪيو آهي، تعميرات جي شعبي سان 30 صنعتون واڳيل آهن، انهن منصوبن سان نوجوانن کي روزگار جا موقعا ملندا، صنعت کي فروغ ملندو، ملڪي دولت ۾ اضافو ٿيندو، گهر حاصل ڪرڻ جي لاءِ ماڻهن اڳ ۾ ئي رجسٽريشن ڪرائڻ شروع ڪري ڇڏي آهي. هو سرگوڌا ۾ نئون پاڪستان هائوسنگ پروگرام تحت 1 هزار 175 گهرن جي تعمير جي منصوبي جي پيڙهه جو پٿر رکڻ کانپوءِ تقريب کي خطاب ڪري رهيو هو. ان موقعي تي پنجاب جو وڏو وزير عثمان بوزدار پڻ خطاب ڪيو. وزيراعظم عمران خان وڏي وزير عثمان بوزدار، سندس ٽيم، چيف سيڪريٽري ۽ هائوسنگ کاتي کي ان منصوبي کي حتمي شڪل ڏيڻ تي مبارڪباد ڏيندي چيو ته وڏو وزير سمورن کاتن جو چيف ايگزيڪيوٽو هوندو آهي. هن چيو ته پاڪستان جي تاريخ ۾ پهريون ڀيرو ايتري وڏي پئماني تي گهرن جي تعمير جو سرڪاري سطح تي منصوبو شروع ڪيو پيو وڃي ۽ عام ماڻهو جيڪو پنهنجي زندگي ۾ ڪڏهن به سوچي به نه سگهندو هو ته ان جو پنهنجو گهر هجي ان جي پنهنجي ذاتي گهر جو خواب پورو ٿي رهيو آهي. هن چيو ته ماضي ۾ بئنڪن مان پئسي وارن ماڻهن کي قرض ملي ويندو هو پر پگهاردار ۽ پورهيت جي لاءِ ان کي حاصل ڪرڻ ۾ تمام گهڻيون مشڪلاتون هيون، اسان ان سلسلي ۾ مشڪلاتون ختم ڪيون. فور ڪلوزر قانون عدالتن مان ٻن سالن ۾ منظور ڪرايو ان تي عدالتن جا به ٿورائتا آهيون. هن چيو ته عام ماڻهو کي بئنڪ مان مورگيج جي لاءِ تمام گهڻيون مشڪلاتون درپيش آهن، بئنڪن جا سربراهه ان سهولت جي لاءِ پنهنجي عملي جي خصوصي تربيت ڪن ته جيئن اها سهولت آساني سان دستياب هجي. هن چيو ته اسان هن منصوبي ۾ خاص طور تي گهٽ آمدني وارن ماڻهن کي پنهنجو هدف رکيو آهي. وزيراعظم چيو ته ننڍن شهرن سان گڏ نيم شهر ۽ ڳوٺن ۾ به اهي گهر ٺاهيا پيا وڃن، ماضي ۾ محمد خان جوڻيجو جي دور ۾ شهرن کان پري ڳوٺن ۾ گهرن جي تعمير جو منصوبو شروع ڪيو ويو هو جڏهن ته اهو ڪامياب نه ٿي سگهيو. اسان جيڪي گهر ٺاهي رهيا آهيون انهن جي رجسٽريشن جو ڪم اڳ ۾ ئي ٿي چڪو آهي ۽ ماڻهو هتي رهائش اختيار ڪرڻ چاهين ٿا، انهن گهرن جي لاءِ قسط به برداشت جوڳي هوندي.
متعلقہ مضامین
-
PPP ready for ‘long march’ to protect 18th Amend: Bilawal
-
Gunmen kill nine in attack on police station in Loralai
-
South Asia challenges to grow in 2019 due to India, Afghanistan elections: US
-
Senate panel approves bill to raise marriage age limit to 18 years
-
Govt in attempt to bring 5G technology in Pakistan, Minister for IT
-
Taliban, US committees to prepare strategy for troop withdrawal, curbing terror
-
Sahiwal encounter illegal
-
MCR’s reluctance for ‘reassessment’ of the leased land
-
New visa regime shows how progressive Pakistan is: Chinese ambassador
-
Saudi crown prince to visit Pakistan; $14b investment expected
-
Hamza allowed to travel abroad
-
EPD fails to update air quality monitoring system