اسلام آباد – 23 – مارچ (اي پي پي) چين، ترڪي، آمريڪا، فرانس، جاپان، ڀارت، ابوظهبي، افغانستان، سريلنڪا، هانگ ڪانگ سميت سڄي دنيا جي پاڪستاني سفارتي مشنز ۾ پاڪستان جو ڏهاڙو جوش ۽ جذبي سان ملهايو ويو. اڱاري ڏينهن ٻاهرين ملڪ پاڪستاني سفارتي مشنز ۾ پاڪستان ڏهاڙي جون تقريبون منعقد ٿيون. ان موقعي تي قومي جهڊو بلند ڪيو ويو ۽ صدر ۽ وزيراعظم جا پيغام پڙهي ٻڌايا ويا. پاڪستاني سفيرن ۽ شرڪت ڪندڙن ان ڏينهن جي اهميت کي اجاگر ۽ تحريڪ پاڪستان جي اڳواڻن کي خراج عقيدت پيش ڪيو. 81 هين يوم پاڪستان جي موقعي تي بيجنگ ۾ پاڪستاني سفارتخاني ۾ جهنڊو ڦڙڪائڻ جي تقريب منعقد ٿي، تقريب ۾ پاڪستاني برادري جي ميمبرن ۽ چين ۽ پاڪستاني ميڊيا جي نمائندن سميت مهمانن جي وڏي تعداد شرڪت ڪئي. پاڪستان جي سفير معين الحق تحريڪ پاڪستان جي اڳواڻن کي خراج تحسين پيش ڪيو. 23 مارچ 1940ع جي اهميت کي اجاگر ڪندي هن چيو ته هي اهو ڏينهن هو جڏهن ڏکڻ ايشيا جي مسلمانن قائداعظم محمد علي جناح جي متحرڪ قيادت ۾ پنهنجي لاءِ ڌار ملڪ بڻائڻ جو فيصلو ڪيو. پاڪستاني سفير غير قانوني ڀارتي والاريل ڄمون ۽ ڪشمير جي عوام سان يڪجهتي جو اظهار ڪيو ۽ ڪشمير ڪاز لاءِ پنهنجي اخلاقي، سياسي ۽ سفارتي حمايت جاري رکڻ جو عزم ورجايو.
متعلقہ مضامین
-
Chinese consulate attack ‘facilitator’ arrested in UAE
-
PM apprised on legislation to criminalize enforced disappearance
-
LHC annoyed over NAB for failing to submit reply
-
“US is very serious in troops withdrawal”: Taliban chief negotiator
-
Gunmen kill nine in attack on police station in Loralai
-
Govt introduces one window option to register new companies online
-
Govt introduces one window option to register new companies online
-
Sehat Sahulat Program: 15 m families to get health card
-
Sahiwal victims’ family refuses to take part in identification parade
-
South Asia challenges to grow in 2019 due to India, Afghanistan elections: US
-
Taliban, US committees to prepare strategy for troop withdrawal, curbing terror
-
Asia Bibi can travel anywhere in the world: FO