اسلام آباد – 08 مارچ (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير سينيٽر شبلي فراز اڄوڪي ڏينهن عورت صحافين کي به خراج تحسين پيش ڪندي چيو آهي ته عورت صحافين پنهنجي قلم جي قوت سان صحافت جي آزادي جي روشن روايتن کي برقرار رکيو ۽ پنهنجي صلاحيتن کي مڃرايو آهي. پنهنجي ٽوئيٽ ۾ وفاقي وزير سينيٽر شبلي فراز چيو ته ميڊيا جي ترقي ۽ عوام تائين صحيح معلومات جي فراهمي ۾ مردن وانگر عورت صحافي به اهم ڪردار ادا ڪري رهيون آهن. حڪومت صحافين خاص طور تي عورتن جي تحفظ ۽ ڀلائي لاءِ سمورا ممڪن قدم کڻي رهي آهي. هن چيو ته عورتون ان شعبي ۾ آزاداڻي ۽ بهترين انداز ۾ پنهنجون ذميواريون سرانجام ڏئي رهيون آهن، انهن لاءِ وڌيڪ سازگار ماحول جي فراهمي يقيني بڻائڻ لاءِ ڀرپور ڪوششون ڪري رهيا آهيون. هن چيو ته زينب الرٽ ريسپانس اينڊ ريڪوري قانون ۽ زينب الرٽ ايپ جاري ڪرڻ ٻارن جي تحفظ ۽ سلامتي ۽ کين ڪڌي ظلم کان بچائڻ لاءِ هڪ عملي قدم آهي.
متعلقہ مضامین
-
‘4,000 illegal properties of Pakistanis in Dubai traced’
-
Pakistan announce squad for Test series against New Zealand
-
Rasheed foresees elimination of the corrupt from politics
-
‘4,000 illegal properties of Pakistanis in Dubai traced’
-
NAB releases ‘real degree’ of Lahore DG
-
Rs 260m worth of damage incurred during religious parties’ protests
-
SC delists hearing of DG NAB Lahore’s fake degree case
-
Rs 260m worth of damage incurred during religious parties’ protests
-
Peace, sanctions can’t go side by side, Taliban tell Moscow moot
-
Peace, sanctions can’t go side by side, Taliban tell Moscow moot
-
First lady Bushra Bibi visits Fountain House in Lahore
-
Differences between PML-Q, PTI spill out into the open