غازي بروٿا – 19 فيبروري (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان چيو آهي ته حڪومت آبادگارن جي مسئلن جي حل لاءِ پرعزم آهي، آبادگارن سميت عوام کي سستي شمسي توانائي فراهم ڪئي ويندي، حڪومتي قدمن جا ثمر جلد آبادگارن تائين پهچندا. آبادگارن سان ڳالهائيندي وزيراعظم چيو ته جعلي زرعي دوائن وارن خلاف ڪريڪ ڊائون ڪنداسين. هن چيو ته محنت آبادگار ڪندو آهي ۽ فائدو مڊل مين کڻندو آهي. اسان مڊل مين جي ڪردار ۾ گهٽتائي ۽ عوام کي فائدو پهچائڻ لاءِ قدم کڻي رهيا آهيون، هن چيو ته آبادگارن کي جهڙي اگهه تي جنسون ورتيون وينديون آهن ان کان ڪيتري ئي وڌيڪ قيمت تي وڪرو ڪيون وينديون آهن. هن چيو ته اسان زرعي پيداوار وڌائڻ ۽ آبادگار طبقي جي مدد لاءِ منصوبابندي ڪري رهيا آهيون، آبادگارن کي آسان قسطن تي قرض جي فراهمي جو جائزو ورتو پيو وڃي، هن چيو ته ٽيوب ويل کي سولر تي منتقل ڪرڻ لاءِ قدم کڻي رهيا آهيون ان سان آبادگارن کي سستي بجلي دستياب ٿيندي.
متعلقہ مضامین
-
Brawl over petty issue claims old mans life
-
Security agencies foil terror attempt, recover arms from Chaghai
-
PM takes President Mamnoon into confidence over COAS appointment
-
PEMRA suspends licenses of Din News, Neo TV
-
Brawl over petty issue claims old mans life
-
Punjab to uplift healthcare with Turkeys help
-
PMs laptop distribution scheme lauded
-
PM meets COAS, CJCSC designate separately
-
Govt generates over Rs 60bn from privatisation of 98 industrial units: report
-
Police detain 19 suspects in pre-dawn raids
-
Two guards killed in Pasni attack on gas company vehicle
-
Didnt contest elections to resign: Nawaz