اسلام آباد – 31 – جولائي (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف چيو آهي ته ملڪ مان پوليوجي مڪمل خاتمي لاءِ رياست جا سمورا وسيلا استعمال ۾ آندا ويندا، اهڙا علائقا جتي سيڪيورٽي جا چئلينجز آهن اتي هر ٻار کي پوليو ويڪسين جي فراهمي يقيني بڻائي ويندي. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب وزيراعظم اهڙن خيالن جو اظهار پوليو جي خاتمي جي قومي ٽيم سان ڳالهائيندي ڪيو. ملاقات ۾ وزيراعظم جو قومي صحت وارو ڪوآرڊينيٽر ڊاڪٽر ملڪ مختار احمد ڀرت، وزيراعظم جي پوليو جي خاتمي واري فوڪل پرسن ڊاڪٽر عائشه رضا فاروق، قومي صحت وارو سيڪريٽري ڊاڪٽر نديم محمود ۽ پوليو جي خاتمي وارو نيشنل ڪوآرڊينيٽر محمد انوارالحق موجود هئا. وزيراعظم چيو ته فرنٽ لائين ورڪرز جي محنت حڪومت جي عزم ۽ پارٽنرز جي تعاون سان پاڪستان پوليو جي خلاف اهم اڳڀرائي ڪئي آهي، اها ڳالهه ڳڻتي جوڳي آهي ته پاڪستان انهن ٻن ملڪن مان هڪ آهي جتي پوليو جو چئلينج موجود آهي. ان موقعي تي وزيراعظم کي پوليو جي خاتمي جي حوالي سان حڪمت عملي تي بريفنگ ڏني ۽ کيس پوليو جي خاتمي جي حوالي سان ٻئين، چوٿين ۽ ڇهين مهيني جي پلان جي حوالي سان پڻ آگاهه ڪيو. وزيراعظم کي ٻڌايو ويو ته 2024ع ۾ هيستائين سڄي ملڪ مان رپورٽ ٿيل پوليو ڪيسز جو انگ 9 ٿي چڪو آهي، سيپٽمبر، آڪٽوبر ۽ ڊسمبر 2024ع ۾ پوليو ويڪسين جي ملڪ گير مهم منعقد ڪئي ويندي. اهڙا ٻار جيڪي پوليو ويڪسين پيئڻ کان محروم رهجي ويا، انهن جي ڊيٽا کي ڊيجيٽلائيزڊ ڪيو ويو آهي ته جيئن ڊيجيٽل ٽريڪنگ جي مدد سان انهن جي ويڪسي نيشن ڪئي وڃي.
متعلقہ مضامین
-
Promoted doctors of BPS-19 await posting, accuse department of corruption
-
QAU continues to improve global rankings
-
CM unhappy with south Punjab secretaries’ performance
-
Khalilzad in Islamabad for talks on new Afghan peace plan
-
Medal Award Ceremony of National Sailing championship held at National Sailing Centre Karachi
-
Court adjourns hearing of illegal assets cases against Ahad Cheema till 18th
-
Most perished Covid-19 patients show history of kidney disease: experts
-
Pak-China literary corridor to bring two nations closer
-
Memo banning Afghan girls singing prompts #IAmMySong protest
-
Not afraid of threats and arrests, Maryam Nawaz
-
Five injured in cracker blast near Rangers vehicle in Karachi
-
Walk-in vaccination facility for citizens above 70 starts today