اسلام آباد – 23 – جولائي (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف چيو آهي ته پاڪستان زراعت جي شعبي ۾ چين جي ڪاميابي مان فائدو کڻڻ جو خواهشمند آهي، گوادر فري زون ۾ بنيادي سهولتن جي بنا تعطل فراهمي يقيني بڻائي وڃي. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب اهڙن خيالن جو اظهار هن چيئرمين زهانگ بن جي قيادت ۾ چيني ڪمپني هينگينگ ٽريڊنگ ڪمپني جي وفد سان ڳالهائيندي ڪيو جنهن ساڻس ملاقات ڪئي. وزيراعظم چيو ته پاڪستان ۾ چيني سيڙپڪاري کي ڀليڪار چئون ٿا. هن چيو ته منهنجي چين جي تازي دوري دوران پاڪستان ۽ چين جي ڪمپنين جي وچ ۾ وڏي پئماني تي بزنس ٽو بزنس معاهدا طئي ٿيا جيڪا انتهائي خوش آئنده ڳالهه آهي. هن چيو ته پاڪستان زراعت جي شعبي ۾ چين جي ڪاميابي مان فائدو کڻڻ چاهي ٿو. وزيراعظم گوادر پورٽ اٿارٽي کي چيني ڪمپنين کي هر ممڪن سهولتون ڏيڻ ۽ گوادر فري زون ۾ يوٽيلٽيز جي بنا تعطل فراهمي يقيني بڻائڻ جي هدايت ڪئي. وفد وزيراعظم کي بريفنگ ۾ ٻڌايو ته هينگينگ ٽريڊنگ ڪمپني پاڪستان ۾ زراعت، لائيو اسٽاڪ، دوائن ۽ ٻين شعبن ۾ سيڙپڪاري ڪري رهي آهي، هينگينگ ٽريڊنگ ڪمپني 50 ملين ڊالر جي لاڳت سان گوادر ۾ جديد سهولتن سان ليس ڪوس گهر (سلاٽر هائوس) تعمير ڪري رهي آهي، ڪوس گهر جي تڪميل سان پاڪستان جي لائيو اسٽاڪ جي شعبي سان چين کي 30 ملين آمريڪي ڊالر تائين ساليانو جي برآمدات ٿيندي، ڪوس گهر ۾ مقامي ماڻهن جي لاءِ هڪ هزار جي لڳ ڀڳ نئين نوڪرين جا موقعا پيدا ٿيندا. بريفنگ ۾ وزيراعظم کي ٻڌايو ويو ته هينگينگ ٽريڊ ڪمپني فارماسيوٽيڪل مصنوعات کي گوادر فري زون ۾ پراسيس ڪري چين کي برآمد ڪري رهي آهي. ان موقعي تي اقتصادي معاملن وارو وفاقي وزير احد خان چيما، قومي غذائي تحفظ ۽ تحقيق وارو وفاقي وزير راڻا تنوير حسين، ناڻي وارو مملڪتي وزير علي پرويز ملڪ ۽ لاڳاپيل اعليٰ سرڪاري آفيسر پڻ موجود هئا.
متعلقہ مضامین
-
No protest or march can oust PTI government: governor
-
Around 135 people tested for coronavirus in Sindh: CM
-
Bilawal Bhutto should better resolve governance issues in Sindh: Firdous
-
SC extends hearing of Khawaja brother’s bail plea for 7 days
-
26 killed as bus plunges into ravine near Skardu
-
Report on wheat, sugar shortage to address all concerns of opposition, NA told
-
SC extends hearing of Khawaja brother’s bail plea for 7 days
-
LHC directs PEMRA to run TV campaign on Coronavirus
-
Three terrorists arrested during Rangers operation in Karachi
-
PTCL celebrates International Women’s Day across Pakistan
-
Punjab Police continue crackdown on hardened criminals, anti-social elements
-
Making education interventions work: a case study from southern Punjab