اسلام آباد – 18 – اپريل (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف سان يونيسيف جي وفد ملاقات ڪئي ۽ پرائيم منسٽر يوٿ پروگرام ۽ يونيسيف جي وچ ۾ دلچسپي جي اظهار جي دستاويز (ليٽر آف انٽينٽ) تي صحيحون ڪيون. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب وزيراعظم محمد شهباز شريف سان يونيسيف جي وفد پاڪستان ۾ يونيسيف جي نمائندي عبدالله اي فاضل جي سربراهي ۾ ملاقات ڪئي. ملاقات ۾ پرائيم منسٽر يوٿ پروگرام جو چيئرمين راڻا مشهود پڻ شريڪ هو. وفد وزيراعظم کي پي ايم يوٿ پروگرام ۽ يونيسيف جي وچ ۾ پاڪستان ۾ نوجوانن جي صلاحيت ۽ سگهه ۾ اضافي جي حوالي سان حصيداري کان آگاهه ڪيو. وزيراعظم يونيسيف جي پاڪستان سميت سڄي دنيا جي ٻارن جي ڀلائي جي لاءِ کنيل قدمن کي ساراهيو. بعد ۾ وزيراعظم پرائيم منسٽر يوٿ پروگرام ۽ يونيسيف جي وچ ۾ گڏيل قومن جي جنريشن ان لميٽيڊ (جين يو) پروگرام جي حوالي سان دلچسپي جي اظهار جي دستاويز (ليٽر آف انٽينٽ) تي صحيحن واري تقريب ۾ شرڪت ڪئي. دستاويز تي پي ايم يوٿ پروگرام جي چيئرمين راڻا مشهود ۽ يونيسيف جي پاڪستان ۾ نمائندي عبدالله اي فاضل وزيراعظم جي موجودگي ۾ صحيحون ڪيون. جنريشن ان لميٽيڊ گڏيل قومن جي سيڪريٽري جنرل پاران 2018ع ۾ شروع ڪيو ويو جنهن جو مقصد نوجوانن کي تعليم، فني تربيت ۽ انٽر پرينيورشپ جي ذريعي باصلاحيت بڻائڻ ۽ شروعاتي تعليم ۽ تربيت جي حوالي سان ڪم ڪرڻ آهي. جين يو پاڪستان ۾ پنهنجا مڪمل آپريشنز شروع ڪرڻ جو منصوبو ٺاهي رهيو آهي جنهن ۾ نوجوانن بابت منصوبن ۾ 20 ملين جي شروعاتي سيڙپڪاري پڻ شامل آهي. ان دستاويز تي صحيحن سان نوجوانن کي تعليم ۽ تربيت جا هڪ جهڙا موقعا فراهم ڪرڻ ۾ مدد ملندي. جين يو ۽ پي ايم يوٿ پروگرام ان حوالي سان آپريشنل اسٽريٽجڪ فريم ورڪ تي گڏجي ڪم ڪندا.
متعلقہ مضامین
-
Faisal Vawda submitted false affidavit in dual nationality case: IHC
-
ECP to hear Ali Gillani’s leaked video matter on Thursday
-
PTI to probe against party MNAs who voted for Gilani: Ismail
-
PTI to probe against party MNAs who voted for Gilani: Ismail
-
Promoted doctors of BPS-19 await posting, accuse department of corruption
-
PM tells Hafeez Shaikh to continue as finance minister
-
Tax depositors are encouraged to pay tax online. Mukesh Kumar Chawla
-
Opposition’s demand of mid-term elections unconstitutional: Governor
-
Women Champions
-
Women Champions
-
A Woman of Great Substance
-
Military kills 6 TTP commanders among 12 in back-to-back days