اسلام آباد-12 مارچ (اي پي پي)واپار واري وفاقي وزير ڄام ڪمال خان چيو آهي ته وزيراعظم شهباز شريف جي اڳواڻيءَ ۾ ملڪ کي درپيش معاشي چئلينجز تي ضابطو آڻڻ لاءِ پُختو عزم کڻي آيا آهيون. واپاري واري وزارت طرفان جاري پڌرائيءَ موجب اهڙو اظهار هن واپار واري وزارت ۾ پنهنجو عهدو سنڀالڻ کانپوءِ ڪيو. وفاقي وزير جو استقبال وفاقي سيڪريٽري واپار ڪئپٽن (ر) محمد خرم آغا ڪيو. وفاقي سيڪريٽري طرفان افتتاهي بريفنگ دوران وزارت جي دائره ڪار ۽ مقصدن جو خاڪو پيش ڪيو ويو. ان موقعي تي واپار واري وزير چيو ته وزارت سيڙپڪاري ۽ مقامي ۽ غير مقامي سيڙپڪارن کي مڪمل طور تي سهولتون فراهم ڪرڻ جو ارادو رکي ٿي. واپار واري وزير چيو ته واپار جو ڳاڻيٽو وڌائڻ سان گڏوگڏ کاڻين جي کوٽائي، لائيو اسٽاڪ ۽ـ ٽيڪسٽائل جهڙن اهم شعبن ۾ نواڻ آڻينداسين. هن چيو ته عالمي معيارن سان هم آهنگ ٿيڻ ۽ جديد طريقن کي اختيار ڪرڻ جي اشد ضرورت آهي. ان کان علاوه روايتي واپاري نڪته نظر کي اڳتي وڌائڻ ۽ـ عالمي مارڪيٽ ۾ پاڪستان جي پوزيشن کي بهتر ۽ فعال بڻائڻ لاءِ قدم کڻڻ جي ضرورت آهي. واضح رهي ته ڄام ڪمال خان جو تعلق اين اي 257 لسٻيله سان آهي. هو بلوچستان جو وڏو وزير پڻ رهي چڪو آهي.
متعلقہ مضامین
-
ECP to hear Ali Gillani’s leaked video matter on Thursday
-
ECP to hear Ali Gillani’s leaked video matter on Thursday
-
Haleem moved to hospital from jail over health issues
-
Pakistan, Sri Lanka agree to cement defence cooperation
-
Pakistan, Sri Lanka agree to cement defence cooperation
-
In Spain, hugs and sea air for Covid ICU survivor
-
PTI supporters, PML-N leaders come to blows outside Parliament House
-
PTI supporters, PML-N leaders come to blows outside Parliament House
-
AMAN-21-The message resonates
-
AMAN-21-The message resonates
-
Shehbaz’s daughter, son-in-law declared proclaimed offenders
-
Aman-21: the message resonates