اسلام آباد – 20 – ڊسمبر (اي پي پي) نگران وزيراعظم انوارالحق ڪاڪڙ چيو آهي ته امن ۽ استحڪام اسان جي اولين ترجيح آهي، بي اين اي جي سربراهه سرفراز بنگلزئي عرف مريد بلوچ جو ساٿين سميت هٿيار اڇلائڻ پاڪستان ۽ بلوچستان جي لاءِ خوش آئنده اڳڀرائي آهي. ايڪس تي جاري ٽوئيٽ ۾ هن چيو ته بي اين اي جي اڳوڻي سربراهه گلزار امام شمبي جي ويجهي ماضي ۾ گرفتاري کانپوءِ قومي ڌارا ۾ آڻڻ کانپوءِ هي ٻي وڏي اهم اڳڀرائي آهي. هن چيو ته عليحدگي پسند عسڪريت پسندن کي قومي ڌارا ۾ آڻڻ جي لاءِ اسان جي رياست ۽ ادارا هڪ هم اهنگي جي موقف کي شموليت جي ذريعي امن کي اختيار ڪندي فروغ ڏئي رهيا آهن، هي قدم پائيدار امن، افهام تفهيم کي فروغ ڏيڻ ۽ ڪميونٽيز جي نئين سر تعمير جو عڪاس آهي. هن چيو ته گڏجي اسان پنهنجي ايندڙ نسلن جي لاءِ هڪ هم آهنگ ۽ محفوظ مستقبل جي راهه هموار ڪري رهيا آهيون. هن قانون لاڳو ڪندڙ ادارن ۽ انٽيلي جنس ايجنسين خاص طور تي آئي ايس آئي جي ڪوششن کي ساراهيو جن ان مُشڪل ڳجهي آپريشن جي قيادت ۽ منصوبابندي ڪئي ۽ ان کي انجام تائين پهچايو.
متعلقہ مضامین
-
Faisal Vawda submitted false affidavit in dual nationality case: IHC
-
Promoted doctors of BPS-19 await posting, accuse department of corruption
-
Shibli terms Imran Khan upright, brave leader
-
Security forces kill eight militants in North Waziristan
-
PM tells Hafeez Shaikh to continue as finance minister
-
PTI supporters, PML-N leaders come to blows outside Parliament House
-
PTI supporters, PML-N leaders come to blows outside Parliament House
-
Inspiring Women Entrepreneurs in Pakistan’s Energy Sector
-
Another minor girl raped in Khairpur
-
Inspiring Women Entrepreneurs in Pakistan’s Energy Sector
-
Aman-21: the message resonates
-
IHC throws ball in ECP’s court in Vawda disqualification case