اسلام آباد – 08 – سيپٽمبر (اي پي پي) نگران پرڏيهي وزير جليل عباس جيلاني 12 کان 15 سيپٽمبر تي لنڊن ۾ ٿيندڙ 10 هين ڪامن ويلٿ يوٿ وزارتي اجلاس (سي وائي ايم ايم) جي صدارت ڪندو. پرڏيهي آفيس موجب دولت مشترڪه سيڪريٽريٽ ڪامن ويلٿ يوٿ وزارتي اجلاس منعقد ڪري رهيو آهي. پاڪستان ان اجلاس جي صدارت سنڀالي رهيو آهي ۽ اهو ايندڙ سال ساموا ۾ ٿيندڙ دولت مشترڪه جي حڪومتي سربراهن جي سربراهي اجلاس کان اڳ ايجنڊا جوڙڻ ۾ فعال ڪردار ادا ڪري رهيو آهي. اجلاس جي ٿيم ”ايم هائر: ڊيليورنگ مور فار ينگ پيپل ان دي ڪامن ويلٿ“ آهي جيڪو گڏيل قومن جي پائيدار ترقي جي هدفن سان هم آهنگ آهي. نگران پرڏيهي وزير جي لنڊن وزارتي اجلاس ۾ شرڪت ڪندڙ وزيرن ۽ دولت مشترڪه جي اعليٰ عهديدارن سان ملاقات پڻ متوقع آهي. بيان موجب پاڪستان نوجوانن کي معاشي طور تي بااختيار بڻائڻ ۽ بامعنيٰ مشغوليت جي لاءِ پرعزم آهي، خاص طور تي جڏهن دولت مشترڪه ۽ پاڪستان حڪومت 2023ع کي ”نوجوانن جو سال“ طور ملهائي رهيا آهن. وزيراعظم يوٿ پروگرام ۾ تعليم، روزگار، انگيجمنٽ ۽ ماحوليات جي چئن بنيادي شعبن جي نشاندهي ڪئي وئي آهي جن تي ايندڙ اجلاس ۾ خيالن جي ڏي وٺ ڪئي ويندي.
متعلقہ مضامین
-
PTI’s Haleem Adil becomes new opposition leader in Sindh Assembly
-
Hidden extremism in India being exposed: Shehryar Afridi
-
SHC seeks written statement from federation in islands case
-
Virus claims 58 more lives; 1,873 new cases reported
-
PTI hits out at PML-N for not showing up at govt-opp meeting
-
Commission to now hold Broadsheet scam probe
-
Japan provides $4.57m grant to support polio eradication efforts in Pakistan
-
Sindh not fiefdom of Murad, Zardari; they are answerable to people: Haleem Adil
-
Serena hosts 35 woman footballers from Chitral
-
Smooth gas supply to industries stressed
-
Notorious terrorist named in Red Book arrested in Karachi
-
Efforts being made to expand PRCS outreach: Abrar