ڪراچي – 26 – جولاءِ (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف چيو آهي ته پاڪستان جي صنعتن کي درپيش چئلينجز کي منهن ڏيڻ جي لاءِ متحده ڪوششن ۽ ٺوس حڪمت عملي جوڙڻ جي ضرورت آهي، الزام بازي سان ڪنهن کي ڪجهه حاصل نه ٿيندو، هلندڙ سال ڪپهه جي رڪارڊ پيداوار ٿيندي. اهڙن خيالن جو اظهار هن ڪراچي چيمبر آف ڪامرس اينڊ انڊسٽري جي اهتمام هيٺ ايڪسپورٽ ايوارڊز جي تقريب کي خطاب ڪندي ڪيو. ان موقعي تي سنڌ جو گورنر ڪامران ٽيسوري، سنڌ جو وڏو وزير سيد مراد علي شاهه، اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير مريم اورنگزيب، توانائي وارو وفاقي وزير انجنيئر خرم دستگير ۽ پيٽروليم وارو مملڪتي وزير مصدق ملڪ پڻ موجود هئا. وزيراعظم چيو ته برآمد ڪندڙن جو پرڏيهي ناڻو ملڪ ۾ آڻڻ ۾ اهم ڪردار آهي، انهن جون ڪوششن ساراهه جوڳيون آهن، ڪراچي روشنين جو شهر، ملڪ جو گيٽ وي ۽ سڀ کان وڌيڪ ڪمائيندڙ شهر آهي. هن چيو ته واپاري اسان جي ملڪ جي معيشت جي ڪرنگهي جي هڏي جي حيثيت رکن ٿا، مختلف سببن جي ڪري پاڪستان پاڙيسري ملڪن کان پٺتي رهجي ويو. هن چيو ته الزام بازي سان ڪنهن کي ڪجهه حاصل نه ٿيندو، اسان کي بليم گيم ۾ نه پوڻ گهرجي، وقت ضايع ڪرڻ کانسواءِ گڏجي ويهي اڳتي وڌڻ گهرجي، پاڪستان جي صنعت ۽ حرفت کي درپيش چئلينجز کي منهن ڏيڻ جون ڪوششون ڪرڻ گهرجن. وزيراعظم چيو ته پاڪستان جي ترقي، خوشحالي، روزگار، پيداوار، روانگي واپار ۽ روينيو حاصل ڪرڻ ۾ واپارين جو اهم ڪردار آهي، ان حوالي سان واپارين جو ڪردار ساراهه جوڳو آهي، اهي مشڪل صورتحال جي باوجود ان محاذ تي ڄميل آهن. وزيراعظم چيو ته اسان جي ملڪ جا صنعتڪار ۽ واپاري دل کولي عطيو ڏين ٿا، خدمت خليق ۽ عوامي منصوبن تي وڌي چڙهي حصو وٺن ٿا، وسيلن ۾ اضافي سان ئي عطيا ڏئي سگهجن ٿا ۽ خدمت خلق ڪري سگهجي ٿي ۽ وسيلن ۾ اضافو منافعي سان ٿئي ٿو. هن چيو ته گذريل 75 سالن دوران ڪاميابيون ۽ ناڪاميون ٻئي شامل آهن، جيڪڏهن واپارين کي بجلي مناسب قيمت تي نه ملندي ته ملڪي مصنوعات کي ٻين ملڪن جي مقابلي ۾ روانگي واپار جي مسابقت ۾ مشڪل کي منهن ڏيڻو پوندو. هن چيو ته گذريل ڪجهه سالن ۾ ڪپهه جي پيداوار متاثر ٿي، اميد آهي ته هلندڙ سال ڪپهه جو بمپر فصل ٿيندو، هڪ اندازي موجب ڪپهه جي پيداوار اٽڪل 10 ملين ڳٺڙيون ٿيڻ جي اميد آهي، گذريل سالن ۾ اها 3 ملين ڳٺڙيون ساليانو رهي آهي، ڪپهه جي پيداوار گهٽ ٿي وئي هئي، ان جو ڪهڙو سبب آهي، اهو وڏو سواليه نشان آهي، بنگلاديش 100 سيڪڙو ڪپهه درآمد ڪري ٿو ۽ پوءِ ان سان گارمينٽس برآمد ڪري ٿو، اتي بجلي سستي آهي پر مسئلا هتي ۽ اتي ٻنهي جڳهن تي آهن، حڪومتي ادارن کانسواءِ ڪٿي ٻئي هنڌ به خرابي آهي، اسان کي ان جو نوٽيس وٺڻ گهرجي. هن چيو ته بجلي جي لائين لاسز، بجلي چوري ۽ نااهلي وڏو مسئلو آهي، گڏجي ويهي انهن مسئلن کي خلوص نيت سان حل ڪري سگهجي ٿو، اسان کي پاڪستان کي مشڪلاتن مان ڪڍي 60ع جي ڏهاڪي جهڙو ملڪ ٺاهڻو آهي، واپارين کي 49 رپيا في يونٽ بجلي فراهم ڪئي وڃي ٿي، ان تي حڪومت 10 رپيا مدد فراهم ڪري ٿي ۽ اهو يونٽ 39 رپين ۾ پوي ٿو، ٿر ۾ ڪوئلي جا بجلي گهر لڳڻ سان ڪراچي کي بجلي 28 رپيا في يونٽ تائين فراهم ڪري سگهجي ٿي، ان حوالي سان سنڌ جي وڏي وزير سان گڏجي ويهي ٺوس حڪمت عملي جوڙڻ جي لاءِ تيار آهيان، لاڳاپيل وزارتن سان گڏجي ان حوالي سان ٺوس حڪمت عملي جوڙڻ جي ضرورت آهي. هن چيو ته 14 آگسٽ تي برآمد ڪندڙن جي خدمتن جو عوامي سطح تي اعتراف ڪرڻ گهرجي ۽ انهن کي اسلام آباد ۾ ايوارڊز ڏيڻ گهرجن ته جيئن انهن جي حوصلا افزائي ٿئي ۽ اهي جدت ۽ ٽيڪنالاجي جي شعبي ۾ وڌيڪ مخلصاڻيون ڪوششون ڪن، جدت پسندي تي ٻڌل مصنوعات جي برآمد ڪندڙن کي وڌيڪ سهولتون ڏنيون وينديون. هن چيو ته ملڪ ۾ گئس ۽ تيل جي پيداوار محدود آهي، 16 مهينن ۾ گئس جي ملڪي ذخيرن ۾ اضافو ٿيو آهي، پاڪستان معدنيات ۽ قدرتي وسيلن سان مالامال آهي، رڳو رينٽل بزنس جي فروغ سان اڳتي نه ٿو وڌي سگهجي، اسان کي مسابقت کي منهن ڏيڻ گهرجي، پيداوار ۾ اضافي جي لاءِ جديد ٽيڪنالاجي مان فائدو کڻڻ جي ضرورت آهي، اسان کي ٺوس برآمدي پاليسي جوڙڻ گهرجي. هن چيو ته آءِ ايم ايف معاهدي تحت هٿ ٻڌيا آهن پر اهو معاهدو 9 مهينن ۾ مڪمل ٿي ويندو، اسان پنهنجي مخلصاڻي ڪوششن جي ڪري آءِ ايم ايف جي چڪر کان ٻاهر نڪرنداسين ۽ پاڪستان پنهنجي پيرن تي بيهندو، ان جي لاءِ اسان کي گڏجي ٽيم جي صورت ۾ ڪم ڪرڻ گهرجي. وزيراعظم چيو ته واپارين کي رڳو مطالبا ئي نه ڪرڻ گهرجن پر حڪومت جو ساٿ ڏيڻ گهرجي، توهان سومر ڏينهن اسلام آباد اچو، گڏجي ويهي مسئلن جي حل لاءِ منصوبابندي ڪريون ٿا، مون کي يقين آهي ته نگران حڪومت ۽ ايندڙ حڪومت ملڪ ۾ صنعت ۽ حرفت جي ترقي جي لاءِ ڪوششون جاري رکندي. هن چيو ته عرب نيوز جي آرٽيڪل ۾ پاڪستان جي لاءِ نيڪ خواهشن جو اظهار ڪيو ويو آهي ۽ اهو آرٽيڪل سعودي عرب جي اڳوڻي سفير لکيو آهي. هن چيو ته نار ملڪ پاڪستان ۾ سيڙپڪاري جي لاءِ تيار آهن، اسان انهن جي آجيان ڪريون ٿا ۽ ان جي لاءِ روڊ ميپ جوڙڻ جي ضرورت آهي. هن چيو ته گذريل 16 مهينن دوران ٻوڏ، مهانگائي، يوڪرين ۾ جنگ، تيل جي قيمتن ۾ اضافي جهڙن مسئلن کي منهن ڏيڻو پيو. هن چيو ته اڳوڻي حڪومت 3 ڊالر ۾ گئس نه خريد ڪئي، موجوده حڪومت هاڻي ان حوالي سان آذربائيجان سان تاريخي ۽ شاندار معاهدو ڪيو آهي، آذربائيجان هر مهيني پاڪستان کي هڪ ڪارگو گئس فراهم ڪندو، پاڪستان جي صوابديد آهي ته هو مارڪيٽ ريٽ مناسب هجڻ تي ان جي خريداري ڪري، جيڪڏهن اسان خريداري نه ڪنداسين ته ڏنڊ نه لڳندو. شهباز شريف چيو ته ڪوشش ڪرڻ سان رستو ضرور نڪرندو، الله تعاليٰ ڪرم فرمائيندو، سمورين مشڪلاتن جي باوجود ملڪ کي اڳتي وٺي وڃڻو آهي، ڪراچي شهر جي انفراسٽرڪچر جي لاءِ وفاق ڀرپور تعاون فراهم ڪري رهيو آهي، ڪي – فور جي لاءِ هن بجيٽ ۾ 16 ارب رپيا رکيا ويا آهن، ڪراچي ۾ اربين رپين جو روينيو پيدا ٿئي ٿو، هتان جي عوام کي پيئڻ جي پاڻي جي عدم فراهمي بدقسمتي آهي، وفاق ۽ صوبائي حڪومت کي گڏجي ان مسئلي کي حل ڪرڻ گهرجي، جيڪڏهن اسان ٻيهر حڪومت ۾ آياسين ته ان مسئلي کي سنڌ حڪومت سان گڏجي هڪ سال ۾ حل ڪنداسين. ان موقعي تي تقريب کي خطاب ڪندي سنڌ جي گورنر ڪامران ٽيسوري چيو ته وزيراعظم شهباز شريف معيشت جي استحڪام لاءِ وڏا فيصلا ڪيا، معاشي استحڪام جي لاءِ ان جي ڪوششن کي ساراهيون ٿا، واپاري برادري جي مسئلن کي ترجيحي بنيادن تي حل ڪرڻو پوندو. ڪراچي چيمبر آف ڪامرس اينڊ انڊسٽري (ڪي سي سي آئي) جي صدر محمد طارق يوسف خطاب ڪندي چيو ته وزيراعظم جي معيشت دوست پاليسي جي ڪري پرڏيهي ناڻي جي ذخيرن ۾ اضافو ٿي رهيو آهي، سيڙپڪارن کي راغب ڪرڻ جي لاءِ سمورين سياسي پارٽين سان ميثاق معيشت ڪرڻ گهرجي. ڪي سي سي آئي جي اڳوڻي صدر زبير موتي والا پڻ تقريب کي خطاب ڪيو. ان موقعي تي وزيراعظم برآمد ڪندڙن ۾ ايوارڊز پڻ ورهايا. وزيراعظم پنهنجي خطاب دوران 70 ارب جي فائبر آپٽڪ گڏيل عرب امارات کي برآمد ڪرڻ واري واپاري کي اسٽيج تي گهرائي شاباس ڏني.
متعلقہ مضامین
-
Women crucial to Biden’s win, even as gender gap held steady
-
FGEHA to auction commercial plots in federal capital
-
Fruits of ‘economic discipline’ must reach common man: PM
-
FBR notifies tax exemption for 61 items used in Covid-19 vaccine
-
Durrani expresses grief over death of Nawaz Sharif’s mother
-
Mother of Nawaz Sharif, Shehbaz Sharif passes away in London
-
No humanity expected from government: Maryam Nawaz
-
Pak dependency on a single river system extremely risky: Kudella
-
Pakistan welcomes the release of Pakistani prisoners in Afghanistan: FO
-
Mahira Khan and Dr Sania Nishtar make it to BBC’s list of 100 influential women of 2020
-
Reference filed against ex-secretary in Police Foundation plot case
-
Naval chief, German ambassador discuss maritime security