پيرس – 23 – جون (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف ۽ جرمن چانسلر اولاف شولز ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ واپار، سيڙپڪاري ۽ توانائي سميت مختلف شعبن ۾ تعاون کي فروغ ڏيڻ تي اتفاق ڪيو آهي. اهو اتفاق راءِ نئين عالمي مالياتي معاهدي بابت سربراهه اجلاس جي موقعي تي ملاقات ۾ ٿيو. وزيراعظم آفيس جي ميڊي اونگ پاران جاري بيان موجب وزيراعظم پاڪستان جي ٻوڏ متاثرين جي لاءِ امداد ۽ 163 ملين يورو جي معاشي معاونت جي فراهمي تي جرمن حڪومت جا ٿورا مڃيا. وزيراعظم چيو ته بينظير انڪم سپورٽ پروگرام جي لاءِ 27 ملين يورو جي اضافي رقم ٻوڏ متاثرين جي مدد ۽ خوراڪ جي فراهمي جي لاءِ استعمال ٿي. هن چيو ته جرمني جي ترقي کي سدائين هڪ مثال طور پيش ڪيو آهي، جرمني جهڙي طرح محنت سان پنهنجو مقام ٺاهيو آهي اهو اسرندڙ ملڪن جي لاءِ هڪ عمده مثال آهي، ذاتي طور تي جرمني جي ترقي، جرمن قوم جي محنت ۽ عزم کي پسند ڪريان ٿو. هن اميد ظاهر ڪئي ته موسمياتي تبديلي سان خطرن ۽ معاشي دٻاءُ جهڙن مسئلن ۾ جرمني اسرندڙ ملڪن جو آواز بڻجندو، اسرندڙ ملڪن مان مالياتي دٻاءُ ۾ گهٽٽائي سان اتان جي عوام کي ريليف ڏيڻ ۾ مدد ملندي. وزيراعظم پاڪستان ۾ جرمن ڪمپنين ۽ اين جي اوز جي خدمتن کي سارهيو. ٻنهي اڳواڻن پاڪستان ۽ جرمني ۾ واپار، سيڙپڪاري، توانائي سميت مختلف شعبن ۾ تعاون وڌائڻ تي اتفاق ڪيو. جرمن چانسلر وزيراعظم شهباز شريف جي لاءِ خيرسگالي جي جذبن جو اظهار ڪندي چيو ته توهان سان ملي تمام گهڻي خوشي ٿي آهي. هن پاڪستانج ي حڪومت ۽ عوام جي لاءِ نيڪ خواهشن جو پڻ اظهار ڪيو.
متعلقہ مضامین
-
Pakistani community praised for their contribution to British society
-
Abbasi accuses NA speaker regarding attendance of detained legislators
-
Indian Fascists have Crossed all limits: Gen Raheel Sharif
-
Imran to meet Trump twice during US visit
-
Every detained MNA should be allowed to attend sessions: Abbasi
-
CJP forms seven-judge bench to hear Justice Isa’s petition
-
Pakistan hopes Afghan peace talks will resume at the earliest
-
Pakistan needs to increase its tax revenue to fund development
-
PM hails support of 58 countries on Kashmir crisis
-
Housing Society affectees get PLs worth billions
-
No threat to Sindh if federation issues directives for betterment: Haleem Adil
-
Italian envoy hails PRCS humanitarian services