اسلام آباد- 15 جون (اي پي پي) عربي سمنڊ مان اُٿندڙ انتهائي شديد سامونڊي طوفان بپر جوائي سامونڊي علائقي پهچي ويو. طوفان جو ڪيٽي بندر کان مفاصلو گهٽ ٿي 150 ڪلوميٽر رهجي ويو آهي. اين ڊي ايم اي طرفان جاري ڪيل تفصيلن مطابق بپر جوائي ڪراچيءَ مان 230 جڏهن ته ٺٽي مان 235 ڪلوميٽر ڏکڻ طرف آهي. طوفان جي سطح تي هوائن جي رفتار 120 کان 140 ڪلوميٽر في ڪلاڪ آهي، جڏهن ته ان جي مرڪز ۾ 150 ڪلوميٽر في ڪلاڪ جي رفتار سان هوائون هلي رهيون آهن. ڪراچيءَ سميت سنڌ ۽ بلوچستان جي ويجهن سامونڊي علائقن ۾ تيز طوفان ۽ شديد برساتن جي صورت ۾ اثر پئجي سگهن ٿا. طوفان جو رُخ اُتر اوڀر طرف رهندو ۽ اڄ شام جو ان جي ڪيٽي بندر ۽ ڀارتي گجرات جي وچ واري علائقي ۾ ٽڪرائڻ جا امڪان آهن.
متعلقہ مضامین
-
Abbasi accuses NA speaker regarding attendance of detained legislators
-
Abbasi accuses NA speaker regarding attendance of detained legislators
-
Indian Fascists have Crossed all limits: Gen Raheel Sharif
-
CJP forms seven-judge bench to hear Justice Isa’s petition
-
By-election for PS-11 to be held on Oct 17
-
Mandokhel to assume charge as BHC CJ
-
Every detained MNA should be allowed to attend sessions: Abbasi
-
PM hails support of 58 countries on Kashmir crisis
-
Top army, navy officers visit SC
-
Italian envoy hails PRCS humanitarian services
-
Life remains paralysed in IHK for sixth consecutive week
-
Life remains paralysed in IHK for sixth consecutive week