اسلام آباد – 10 – مئي (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير مريم اورنگزيب ريڊيو پاڪستان ۽ اي پي پي پشاور جي عمارتن ۽ آفيسن تي پي ٽي آءِ جي هٿياربند جٿن جي حملن جي شديد مذمت ڪندي چيو آهي ته پي ٽي وي، پارليامينٽ ۽ ٻين سرڪاري عمارتن تي حملو ڪرڻ پي ٽي آءِ جو شيوو آهي، جوابدارن کي نه رڳو گرفتار ڪيو ويندو پر سرڪاري نقصان پڻ وصول ڪنداسين، هي احتجاج نه فساد ۽ دهشتگردي آهي. پنهنجي بيان ۾ اطلاعات واري وفاقي وزير چيو ته جهڙي طرح پي ٽي وي ۽ پارليامينٽ تي حملو ڪرايو ويو هو، اهڙي طرح عمران خان جي چوڻ تي اڄ ريڊيو پاڪستان ۽ اي پي پي جي آفيسن تي حملو ڪيو ويو. هن چيو ته عورتن سميت سرڪاري عملي تي تشدد، ڀڃ ڊاهه ۽ ملڪيتن کي نقصان پهچائڻ دهشتگردي آهي. مريم اورنگزيب چيو ته ڀارت خوش ٿي رهيو آهي ته ڪشمير تي خبرون هلائيندڙ ريڊيو کي عمران خان جي حامين باهه لڳائي ڇڏي، هي هر اهو ڪم ڪري رهيا آهن جنهن سان ڀارت ۾ شادمانا وڄايا وڃن ٿا. اطلاعات واري وفاقي وزير چيو ته پي ٽي آءِ جي هٿياربند فوج چاغي يادگار ۽ ريڊيو آڊيٽوريم کي باهه لڳائي جنهن سان انهن جي ذهني حالت جو اندازو ڪري سگهجي ٿو. هن چيو ته جهڙي طرح عمران خان ملڪ ۽ توشه خانه ڦريو، اهڙي طرح ان جا حامي سرڪاري عمارتن جو سامان ڦري ويا. اطلاعات واري وفاقي وزير چيو ته ڊائريڪٽر جنرل ريڊيو پاڪستان کي شرپسندن جي خلاف ايف آءِ آر داخل ڪرائڻ جو چيو آهي. شرپسندن سرڪاري نشريات به روڪرائڻ جي ڪوشش ڪئي ۽ تارون ڪٽي ڇڏيون جيڪو سنگين رياستي ڏوهه آهي. اطلاعات واري وفاقي وزير چيو ته پي ٽي وي، پارليامينٽ ۽ ٻين سرڪاري عمارتن تي حملو ڪرڻ پي ٽي آءِ جو شيوو آهي، جوابدارن کي نه رڳو گرفتار ڪيو ويندو پر سرڪاري نقصان به وصول ڪنداسين. هن چيو ته هي احتجاج نه، فساد ۽ دهشتگردي آهي. هن چيو ته لاهور ۾ قائداعظم جي گهر کي نشانو بڻائيندڙن کي چاغي جهڙي قومي يادگار، ريڊيو جهڙي رياستي عمارتن جي حساسيت ۽ عزت جو ڪو خيال نه آهي، پوري قوم ان ڪڌي دهشتگرداڻي رويي ۽ قدمن جي مذمت ڪري ٿي.
متعلقہ مضامین
-
Indian Fascists have Crossed all limits: Gen Raheel Sharif
-
CM Punjab meets Speaker of Punjab Assembly and acting governor
-
Pakistan hopes Afghan peace talks will resume at the earliest
-
Indian Fascists have Crossed all limits: Gen Raheel Sharif
-
Pakistani community praised for their contribution to British society
-
Every detained MNA should be allowed to attend sessions: Abbasi
-
Imran to meet Trump twice during US visit
-
EU lawmaker for imposing trade and travel restrictions on India
-
Italian envoy hails PRCS humanitarian services
-
Provision of justice an important component of PTI manifesto: PM
-
Federal govt conspiring to divide Sindh: Khuhro
-
No threat to Sindh if federation issues directives for betterment: Haleem Adil