اسلام آباد – 23 – فيبروري (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف چيو آهي ته ملڪ کي درپيش اقتصادي مشڪلاتن جي ڏس ۾ قيادت کي پاڻ پنهنجو مثال پيش ڪندي ڪفايت شعاري جي قدمن ذريعي عوام سان يڪجهتي جو اظهار ڪرڻ ۽ عوام تي پوندڙ بار کي پاڻ ئي کڻڻ اسان جي حڪومت جي سُڃاڻپ آهي. پنهنجي ٽوئيٽ ۾ وزيراعظم چيو ته ملڪ اجتماعي ڪوششن جي ذريعي ئي موجوده بحراني ڪيفيت مان نڪري سگهي ٿو. هن چيو ته ڪفايت شعاري جا قدم جنهن جي شروعات ڪابينا ميمبرن جي پنهنجي پگهارن ۽ مراعتن تان رضاڪاراڻي دستبردار سان ٿي رهي آهي، جنهن جي ذريعي قومي ناڻي کي ساليانو 200 ارب رپين جي بچت ٿيندي. وزيراعظم اتحادي پارٽين جو ان سلسلي ۾ حمايت تي ٿورا مڃيا. وزيراعظم چيو ته هو ڪفايت شعاري جي قدمن تي عملدرآمد جي پاڻ نگراني ڪندو.
متعلقہ مضامین
-
SP in Punjab Police outruns colleagues
-
20 killed in attack on Hazara community in Quetta
-
Imam-e-Kaaba gives Friday sermon, leads prayers at Faisal Mosque
-
The riddle of a defeat: why IRGC has been proscribed?
-
Indian strategic atrophy and the olive tree
-
Indian strategic atrophy and the olive tree
-
Civil society remembers slain student activist Mashal on his death anniversary
-
Shehbaz Sharif undergoes medical inspection
-
FIA seizes Rs420m in crackdown against hundi, hawala dealers in Karachi
-
20 killed in Quetta attack on Hazaras
-
Four TTP terrorists arrested from Hazara, says official
-
Utility Stores to run out of food