اسلام آباد – 21 – مارچ (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان ڄمون ۽ ڪشمير تي او اءِ سي رابطا گروپ جي هڪ فعال ميمبر جي طور تي آذربائيجان جي تعاون جي واکاڻ ڪئي آهي، وزيراعظم ميڊيا آفيس مان جاري پريس رليز موجب جمهوريه آذربائيجان جي دفاع واري وزير ڪرنل جنرل ذاڪر حسنوف وزيراعظم عمران خان سان ملاقات ڪئي. ان موقعي تي پاڪستان ۽ آذربائيجان جي وچ ۾ مضبوط ۽ پائيدار دفاعي لاڳاپن جو حوالو ڏيندي وزيراعظم چيو ته ٻه طرفي واپار، سياحت ۽ عوامي سطح تي رابطن تي خصوصي ڌيان ڏيندي انهن ڀائراڻن لاڳاپن کي وڌيڪ سگهه ڏيڻ گهرجي، وزيراعظم او آءِ سي ۾ آذربائيجان جي ڄمون ۽ ڪشمير تي رابطا گروپ جي هڪ فعال ميمبر جي طور تي تعاون کي ساراهيو. هن آذربائيجان جي قيادت ۽ عوام کي والاريل علائقن کي آزاد ڪرائڻ تي مبارڪباد ڏني ۽ کڻ قفقاز ۾ امن ۽ خوشحالي جي مقصد کي حاصل ڪرڻ ۾ آذربائيجان جي ڪوششن کي ساراهيو. آذربائيجان جي دفاع واري وزير آذربائيجان جي صدر پاران وزيراعظم لاءِ نيڪ خواهشن جو اظهار ڪيو،. هن وزيراعظم کي ٻڌايو ته پاڪستان جي قومي ڏينهن جي 23 مارچ پريڊ ۾ آذربائيجان جي هٿياربند فوج جو دستو به شرڪت ڪندو.
متعلقہ مضامین
-
Sikh community celebrates Baisakhi festival in a simple ceremony
-
Final decision on lockdown delayed to ‘build consensus’
-
Indian army using Kashmiris as human shields in border skirmish with Pakistan
-
Indian army using Kashmiris as human shields in border skirmish with Pakistan
-
Indian army using Kashmiris as human shields in border skirmish with Pakistan
-
AJK president suggests quarantine facility for Kashmiri expats in Islamabad
-
School fee concession directives have no legal basis: PEC Sindh
-
AJK president suggests quarantine facility for Kashmiri expats in Islamabad
-
Ehsaas programme a political drama: PPP leader
-
Aleem Khan returns to Punjab cabinet as food minister
-
Governor inaugurates Punjab Mental Health Helpline at GCU
-
Ord against hoarding, smuggling in the offing