اسلام آباد – 14 – مارچ (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي نوجوانن جي صلاحيتن مان ڀرپور فائدو کڻڻ تي زور ڏيندي چيو آهي ته هو ملڪي معيشت ۾ اهم ڪردار ادا ڪري سگهن ٿا، هن ملڪي ترقي يقيني بڻائڻ لاءِ عورتن کي قومي ڌارا ۾ شامل ڪرڻ تي به زور ڏنو آهي. اهڙن خيالن جو اظهار هن مسلم يوٿ يونيورسٽي جي پهرين ڪانووڪيشن کي خطاب ڪندي ڪيو. صدر چيو ته عورتن کي معاشرتي ترقي ۾ برابر حصيدار جي طور تي موقعا نٿا ملن جنهن جي باعث ملڪ ۾ حقيقي خوشحالي نه آئي. هن عورتن کي بااختيار بڻائڻ جي لاءِ انهن جي شموليت يقيني بڻائڻ ۽ عوامي جاين تي انهن لاءِ موقعا پيدا ڪرڻ تي زور ڏنو. هن چيو ته عورتن کي آن لائن اي بزنس ۽ پارٽ ٽائيم نوڪرين ۾ موقعا فراهم ڪيا وڃن ته جيئن هو پنهنجي پيشي سان وابسته رهن. هن چيو ته نوجوانن جي لاءِ ڪامياب جوان پروگرام ۽ بئنڪن پاران جاري ٻين قرض اسڪيمن جي ڪري وسيع موقعا پيدا ٿيا آهن، گريجوئيٽس انهن موقعن مان فائدو کڻن ۽ پنهنجي پيشيوراڻي شعبن ۾ ڪاميابي حاصل ڪن. هن گريجوئيٽس تي زور ڏنو ته هو پنهنجي زندگين ۾ ڪاميابي لاءِ ايمانداري، ديانتداري جو مظاهرو ڪن، انسانيت کانسواءِ تعليم جي ڪا به اهميت نه آهي. هن چيو ته دنيا پناهگيرن لاءِ دروازا بند ڪري انساني قدر نظرانداز ڪري رهي آهي. پاڪستان لکين افغان پناهگيرن جي ڪيترن ئي ڏهاڪن تائين ميزباني ڪري اخلاقي قدرن جو مظاهرو ڪيو. صدر مختلف شعبن ۾ پوزيشن حاصل ڪندڙ گريجوئيٽس ۾ ايوارڊ ورهايا.
متعلقہ مضامین
-
Sikh community celebrates Baisakhi festival in a simple ceremony
-
Lockdown not applicable to mosques, congregational prayers to begin: ulema
-
COVID-19: Govt. approves SOPs for private int’l flight operations to Pakistan
-
WDF demands immediate provision of PPE to all healthcare workers
-
Aleem Khan returns to Punjab cabinet as food minister
-
Governor inaugurates Punjab Mental Health Helpline at GCU
-
Ehsaas programme a political drama: PPP leader
-
Coronavirus nationwide death toll crosses 100; 1,378 recovered so far
-
Text of SC order in suo motu case regarding coronavirus
-
Text of SC order in suo motu case regarding coronavirus
-
Lockdown extended; low-risk industries allowed to operate
-
Sindh Minister assures to take govt on-board in decisions making