اسلام آباد – 08 – مارچ (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري مملڪتي وزير فرخ حبيب چيو آهي ته مخالف ڌر ناڪام آهي، اها پهرين به ناڪام ٿي هاڻي به ناڪام ٿيندي، ان جي ايجنڊا رڳو پنهنجي ڦرلٽ ۽ چوري کي بچائڻ آهي، مخالف ڌر وٽ نمبر پورا نه آهن، شهباز شريف ۽ آصف علي زرداري فالودي واري، پاپڙ واري ۽ مقصود چپڙاسي جهڙن ڪردارن کي بچائڻ چاهين ٿا. نجي ٽي وي چئنل سان ڳالهائيندي هن چيو ته عوام سان انهن جو ڪو به تعلق نه آهي. عوام جي لاءِ انهن جي ڪا به جدوجهد نه آهي، 40 سالن کان اهي ملڪ کي ڦريندا رهيا آهن، هاڻي به هو اهڙي طرح جي بليڪ ميلنگ ڪري رهيا آهن، اسان نه اڳ ۾ مخالف ڌر کان بليڪ ميل ٿيا آهيون ۽ نه هاڻي انهن کان بليڪ ميل ٿينداسين لکي وٺو. انهن کي ناڪام ٿيڻو آهي، وزيراعظم عمران خان جي سڄي صورتحال تي گهري نظر آهي ۽ فيصلا به ڪندو، جنهن جو نظريو ڦرلٽ ۽ ڪرپشن جو پئسو بچائڻ هجي ان مخالف ڌر مان حڪومت کي ڪو به خطرو نه آهي، پي ٽي آءِ جي ميمبرن جا خدشا ختم ڪنداسين. اهي اڳ ۾ به عمران خان سان گڏ هئا ۽ هاڻي به گڏ آهن. موقف سان اختلاف ٿي سگهي ٿو اسان سڀني جو موقف ٻڌنداسين ۽ خدشن کي ختم ڪنداسين. وقت ايندو ته مخالف ڌر جي حمايت ڪندڙ اميدوارن جو انگ سامهون اچي ويندو.
متعلقہ مضامین
-
Final decision on lockdown delayed to ‘build consensus’
-
CAA has permitted ‘Flydubai’ for a special flight from Dubai-Faislabad
-
Sikh community celebrates Baisakhi festival in a simple ceremony
-
COVID-19: Govt. approves SOPs for private int’l flight operations to Pakistan
-
WDF demands immediate provision of PPE to all healthcare workers
-
Aleem Khan returns to Punjab cabinet as food minister
-
Governor inaugurates Punjab Mental Health Helpline at GCU
-
Ord against hoarding, smuggling in the offing
-
Governor inaugurates Punjab Mental Health Helpline at GCU
-
Lockdown extended; low-risk industries allowed to operate
-
Israel’s jail conditions will kill Palestinian prisoners before coronavirus does
-
Traders announce to open shops in Sindh, KP, Balochistan from today